نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان فون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد- 07 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گذريل رات مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعطي سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ وچ اوڀر جي تازي صورتحال ۽ مجموعي علائقائي صورتحال تي تفصيلي طور خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب، ٻنهي اڳواڻن ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ مسئلن کي حل لاءِ بامعنيٰ ڳالهين جي ضرورت تي زور ڏنو. ان …

اسلام آباد- 07 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گذريل رات مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعطي سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ وچ اوڀر جي تازي صورتحال ۽ مجموعي علائقائي صورتحال تي تفصيلي طور خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب، ٻنهي اڳواڻن ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ مسئلن کي حل لاءِ بامعنيٰ ڳالهين جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي اهو به اتفاق ڪيو ويو ته بدلجندڙ صورتحال جي ڏس ۾ ٻئي ملڪ ويجها رابطا برقرار رکندا ۽ مُشاورت جو سلسلو جاري رکيو ويندو.