اسلام آباد - 06 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن بدلجندڙ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ڇڪتاڻ ۾ فوري گهٽتائي آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن بدلجندڙ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ڇڪتاڻ ۾ فوري گهٽتائي آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي لاڳاپن جي حوالي سان پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو، اعليٰ سطحي رابطن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ مستقبل ۾ به مسلسل رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.












