قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق جي ملاقات

اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پارليامينٽ هائوس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي خيريت معلوم ڪئي ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. …

اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پارليامينٽ هائوس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي خيريت معلوم ڪئي ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن وچ اوڀر جي موجوده صورتحال جي ڏس ۾ پاڪستان جي مثبت ۽ تعميري ڪردار کي ساراهيندي پرڏيهي وزير جي سفارتي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪيو. سينيٽر اسحاق ڊار ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان عالمي سطح تي پنهنجي موقف کي موثر ۽ ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪندو رهندو ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. ملاقات ۾ وزيراعظم جي ڪفايت شعاري مهم تي عملدرآمد جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران ڪفايت شعاري قدمن کي ساراهيندي ان کي هڪ مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته قومي وسيلن جي موثر ۽ دانشمنداڻي استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدمن جو تسلسل برقرار رکيو ويندو.