سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه راندين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيغام

ڪراچي- 06 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه راندين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته رانديون ترقي، امن ۽ خوشحالي جون ضامن آهن، سنڌ سرڪار راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته نوجوانن کي مثبت سرگرمين ڏانهن راغب ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، رانديون هڪ صحتمند سماج جو بنياد ۽ ڀائيچاري …

ڪراچي- 06 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه راندين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته رانديون ترقي، امن ۽ خوشحالي جون ضامن آهن، سنڌ سرڪار راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته نوجوانن کي مثبت سرگرمين ڏانهن راغب ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، رانديون هڪ صحتمند سماج جو بنياد ۽ ڀائيچاري جو هڪ اثرائتو وسيلو آهن. هن چيو ته راندين ذريعي عدم مساوات جو خاتمو ممڪن آهي. وڏي وزير چيو ته راندين ۾ عورتن جي شموليت کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي، راندين سان سماجي هم آهنگي ۽ رواداري وڌي ٿي، اڄ ان عزم جي تجديد جو ڏينهن آهي، جنهن ۾ ڪنهن کي به پوئتي نه ڇڏيو ويندو.