اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پيٽروليم شين جي ذخيرن، قيمتن جي رجحانن ۽ ٻين توانائي معاملن جو روزانو جي بنياد تي جائزو وٺي رهيا آهيون. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي صورتحال جي حوالي سان بحث جي شروعات ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته فيبروريءَ جي آخر ۾ جڏهن علائقائي بحران شروع …
پيٽروليم شين جي ذخيرن، قيمتن جي رجحانن ۽ ٻين توانائي معاملن جو روزانو جي بنياد تي جائزو وٺي رهيا آهيون: ناڻي وارو وفاقي وزير
اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پيٽروليم شين جي ذخيرن، قيمتن جي رجحانن ۽ ٻين توانائي معاملن جو روزانو جي بنياد تي جائزو وٺي رهيا آهيون. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي صورتحال جي حوالي سان بحث جي شروعات ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته فيبروريءَ جي آخر ۾ جڏهن علائقائي بحران شروع ٿيو ته وزيراعظم بنا دير جي قدم کنيا، وزيراعظم پوري ڪابينه کي ٻُڌايو ته ان بحران دوران پيدا ٿيندڙ صورتحال کي فعال ۽ اثرائتي انداز ۾ مُنهن ڏيڻو آهي، وزيراعظم وِيڪ اينڊ تي پيٽروليم مصنوعات جي نگرانيءَ لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي جنهن ۾ پيٽروليم وارو وفاقي وزير، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير، قومي غذائي تحفظ وارو وفاقي وزير، واپار وارو وفاقي وزير ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر شامل هئا، پهرين مارچ کان ڪميٽي جا اجلاس روزانو جي بنياد تي ٿي رهيا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته ڪابينه ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيٽروليم مصنوعات جي حوالي سان سمورن معاملن جو احاطو ڪيو پيو وڃي، اجلاس ۾ پيٽروليم مصنوعات جي اسٽاڪ، قيمتن ۽ ان سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي رجحانن جو جائزو ورتو پيو وڃي، وزيراعظم پاڻ به ان جي نگراني ڪري رهيو آهي، نائب وزيراعظم جي صدارت ۾ به هڪ ڪميٽي بڻائي وئي آهي جيڪا صورتحال جو جائزو وٺي رهي آهي.












