اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، سيد نويد قمر کي پارليامينٽيرينز فار گلوبل ايڪشن جو ٻن سالن لاءِ بنا مقابلي چيئرمين چونڊجڻ تي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته هي ان ايوان لاءِ عزت ۽ فخر جو سبب آهي. ڪالهه قومي اسيمبليءَ جي اجلاس جي شروعات ۾ اسپيڪر چيو ته کيس قومي اسيمبلي ميمبر اسد نيازي طرفان اهو اطلاع مليو ته سيد نويد …
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران سيد نويد قمر کي پارليامينٽيرينز فار گلوبل ايڪشن جو ٻن سالن لاءِ بنا مقابلي چيئرمين چونڊجڻ تي واڌايون
اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، سيد نويد قمر کي پارليامينٽيرينز فار گلوبل ايڪشن جو ٻن سالن لاءِ بنا مقابلي چيئرمين چونڊجڻ تي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته هي ان ايوان لاءِ عزت ۽ فخر جو سبب آهي. ڪالهه قومي اسيمبليءَ جي اجلاس جي شروعات ۾ اسپيڪر چيو ته کيس قومي اسيمبلي ميمبر اسد نيازي طرفان اهو اطلاع مليو ته سيد نويد قمر پارليامينٽيرينز فار گلوبل ايڪشن جو بنا مقابلي چيئرمين چونڊجي ويو آهي، اهو نه صرف هن ايوان پر اسان سڀني لاءِ عزت جو سبب آهي. سيد نويد قمر جو ٿورو مڃيندي هن چيو ته سيد نويد قمر هن ايوان جي عزت رکي، جڏهن ته سيد نويد قمر اسپيڪر ۽ ميمبرن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اها صرف منهنجي لاءِ نه پر ان هائوس لاءِ هڪ اعزاز آهي ته اسان ان ايوان جا چونڊيل نمائندا آهيون ۽ ان ئي سبب اهڙن فورمز تي اسان کي نمائندگي ملي ٿي.












