اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينھن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 809.10 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 151207.81 پوائنٽس تي بند ٿيو۔ مارڪيٽ ۾ 565 ڪمپين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 261 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 153 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 151 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. مجموعي …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي شروعات تي تيزي جو رجحان
اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينھن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 809.10 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 151207.81 پوائنٽس تي بند ٿيو۔ مارڪيٽ ۾ 565 ڪمپين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 261 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 153 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 151 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. مجموعي طور تي 457.21 ملين شيئرز جي ليتي ڏيتي ٿي جنهن جي ماليت 30.87 ارب رپيا هئي، ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 245.88 جي اضافي کانپوءِ 45699.23 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 2994.55 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 221265.67 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 8.19 ارب رپين جا سودا طئي ٿيا. گذريل ڏينهن پاڪستان ليميٽڊ جي 57956235 شيئرز، ورلڊ ڪال ٽيلي ڪام 30552981 شيئرز ۽ پاڪستان ريفاينري لميٽيڊ 28349134 شيئرز جي ليتي ڏيتي ٿي. ڪوهنور ملز ليميٽڊ، دائود ايڪويٽيز ليميٽڊ ۽ 786 انويسٽمنٽ ليميٽڊ سرفهرسٽ ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون.












