اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي پيداوار ۾ هفتيوار بنيادن تي اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. پي پي آءِ ايس ۽ انڊسٽري جي انگن اکرن مطابق 31 مارچ تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ ۾ ڪچي تيل جي روزانو پيداوار اٽڪل 67019 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 1.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل هفتي ۾ ملڪ ۾ ڪچي تيل …
ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي پيداوار ۾ اضافو
اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي پيداوار ۾ هفتيوار بنيادن تي اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. پي پي آءِ ايس ۽ انڊسٽري جي انگن اکرن مطابق 31 مارچ تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ ۾ ڪچي تيل جي روزانو پيداوار اٽڪل 67019 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 1.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل هفتي ۾ ملڪ ۾ ڪچي تيل جي روزانو اوسط پيداوار 66009 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي هئي. ساڳئي طرح 31 مارچ تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ ۾ گئس جي روزانو اوسط پيداوار 3065 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 1.8 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل هفتي ۾ ملڪ ۾ گئس جي روزانو اوسط پيداوار 3010 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي هئي.












