سنڌ جي وڏي وزير پاران تيل جي قيمتن ۽ مهنگائي جي اثرن کان شهرين کي بچائڻ لاءِ هدفي موٽر سائيڪل فيول سبسڊي پروگرام تحت ڊجيٽل رجسٽريشن نظام جاري

ڪراچي- 06 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڌندڙ ٻارڻ (تيل) جي قيمتن ۽ مهنگائي جي اثرن کان شهرين کي بچائڻ لاءِ هدفي موٽر سائيڪل فيول سبسڊي پروگرام تحت ڊجيٽل رجسٽريشن نظام جاري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هڪ وسيع ريليف پيڪج به متعارف ڪرايو ويو آهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته هن مارڪيٽ جي وقتن جي حوالي سان واپارين جي …

ڪراچي- 06 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڌندڙ ٻارڻ (تيل) جي قيمتن ۽ مهنگائي جي اثرن کان شهرين کي بچائڻ لاءِ هدفي موٽر سائيڪل فيول سبسڊي پروگرام تحت ڊجيٽل رجسٽريشن نظام جاري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هڪ وسيع ريليف پيڪج به متعارف ڪرايو ويو آهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته هن مارڪيٽ جي وقتن جي حوالي سان واپارين جي تنظيمن سان به مشاورت ڪئي آهي ۽ واپارين پنهنجون تجويزون پيش ڪيون آهن، جن تي حتمي فيصلي کان اڳ وفاقي حڪومت سان مشاورت ڪئي ويندي. هن چيو ته هي قدم هڪ جامع هدفي سبسڊي فريم ورڪ جو حصو آهي، جنهن جو مقصد ڪمزور طبقن کي سڌي ريت مالي سهائتا فراهم ڪرڻ ۽ معاشي استحڪام ۽ شفافيت کي برقرار رکڻ آهي. هن اسڪيم تحت هر رجسٽرڊ موٽر سائيڪل مالڪ کي ماهوار 2 هزار روپيا فراهم ڪيا ويندا جيڪي اٽڪل 20 ليٽر ٻارڻ تي سبسڊي جي برابر هوندا. وڏي وزير واضح ڪيو ته صرف اهي موٽر سائيڪلون ان سهولت جون اهل هونديون جيڪي مالڪ جي پنهنجي نالي تي رجسٽرڊ هجن. ان مقصد لاءِ ايسڪائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي آن لائن تصديق ۽ رجسٽريشن جو نظام متعارف ڪرايو آهي، جنهن ذريعي شهري پنهنجي ملڪيت جي تصديق ۽ ڊجيٽل درخواست ڏئي سگهن ٿا. درخواست گذارن کي پنهنجو قومي سڃاڻپ ڪارڊ نمبر ۽ بينڪ اڪائونٽ (آئي بين) درج ڪرڻو پوندو، جنهن کانپوءِ کين خودڪار تصديق موصول ٿيندي. حڪومت سهولت لاءِ موٽر سائيڪل جي منتقلي تي لاڳو 500 روپيا فيس ختم ڪري ڇڏي آهي ته جيئن ملڪيت جي درستگي کي هٿي ملي سگهي. سڄي سنڌ ۾ ايڪسائيز آفيسون ايندڙ 15 ڏينهن تائين صبح 8 وڳي کان رات 12 وڳي تائين بشمول ڇنڇر ۽ آچر، کليل رهنديون. هينئر تائين لڳ ڀڳ 1500 موٽر سائيڪلون درست مالڪن جي نالي منتقل ڪيون ويون آهن. درخواست گذارن جي رهنمائي لاءِ 021-111-374-634 تي هڪ هيلپ لائن پڻ قائم ڪئي وئي آهي. وڏي وزير چيو ته حڪومت ٽرانسپورٽرن کي اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جن ٻارڻ جي وڌندڙ قيمتن جي باوجود ڪرائي ۾ اضافو نه ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ان مقصد لاءِ حڪومت پبلڪ ٽرانسپورٽ آپريٽرز کي خاطر خواه سبسڊي فراهم ڪري رهي آهي ته جيئن ڪرايا 28 فيبروري 2026ع جي سطح تي برقرار رهن ۽ روزانو سفر ڪندڙ ماڻهو فائدو حاصل ڪن. سنڌ ۾ هن وقت لڳ ڀڳ 11 هزار خانگي بسون ۽ 470 سرڪاري بسون هلي رهيون آهن. حڪومت صرف سرڪاري ٽرانسپورٽ تائين ريليف محدود ڪرڻ بدران پوري نظام ۾ ڀاڙن کي منجمد رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ 3 کان 4 ارب روپين جي سبسڊي ڏني پئي وڃي. وڏي وزير خبردار ڪيو ته ڀاڙن ۾ اضافي جي ڪنهن به خلاف ورزي تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وڏي وزير اعلان ڪيو ته 3 ارب روپين جو هاري سبسڊي پروگرام پڻ هن هفتي شروع ڪيو پيو وڃي جنهن تحت ننڍن آبادگارن کي مالي سهائتا فراهم ڪئي ويندي. مجموعي طور تي هدفي سبسڊي فريم ورڪ ۾ موٽر سائيڪل سبسڊي لاءِ 13.4 ارب روپيا، ٽرانسپورٽ سبسڊي لاءِ (وفاقي حڪومت جي تعاون سان) 14.3 ارب روپيا ماهوار، ڪرائي جي استحڪام لاءِ 3 کان 4 ارب روپيا ۽ ھارين لاءِ 3 ارب روپيا رکيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته حڪومت ضروري شين، خاص طور تي اٽي ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين تي پڻ سڌي ريت ريليف فراهم ڪرڻ جي طريقيڪار تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته هي قدم مالي شموليت کي هٿي ڏيندو ڇاڪاڻ ته شهرين کي سڌي ريت ادائيگي لاءِ بينڪ اڪائونٽس کولڻ جي ترغيب ڏني پئي وڃي، جڏهن ته ٻوڏ کانپوءِ بحالي دوران جوڙيل نظام مان به فائدو ورتو پيو وڃي. هن واضح ڪيو ته سبسڊي پروگرام مڪمل طور تي شفاف ڊجيٽل نظام تحت هلايو پيو وڃي ته جيئن صرف مستحق ماڻهن کي ئي فائدو پهچي. وڏي وزير چيو ته ٽرانسپورٽرن ۽ 25 واپاري تنظيمن سان مشاورت ڪئي وئي آهي، جن مان اڪثر حڪومتي قدمن جي حمايت ۽ تعاون تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٻن تنظيمن کانسواءِ 25 واپاري تنظيمن پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي خلاف احتجاج ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته باقي تنظيمون پڻ موجوده علائقائي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڻمرادو پنهنجو احتجاج ختم ڪري ڇڏينديون. علائقائي صورتحال ۽ معاشي دٻاءُ جو حوالو ڏيندي وڏي وزير چيو ته حڪومت شهرين تي اثر گهٽ ڪرڻ لاءِ اڳواٽ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت شفاف ۽ هدفي قدمن ذريعي عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ته جيئن ريليف ضرورت مند ماڻهن تائين پهچي ۽ اهم شعبن ۾ استحڪام برقرار رهي.