ڪراچي- 06 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي خوراڪ کاتي واري صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان جي صدارت ۾ ڪڻڪ جي خريداري بابت تياريون ۽ آپريشنل رٿابنديءَ جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري غلام عباس نائچ، ڊائريڪٽر خوراڪ سميت پوري صوبي جي ضلعي آفيسرن شرڪت ڪئي، جتي ايندڙ 30 ڏينهن دوران ڪڻڪ جي خريداريءَ واري عمل لاءِ ڪيل انتظامن جو تفصيلي جائزو …
صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان جي صدارت ۾ ڪڻڪ جي خريداري بابت تياريون ۽ آپريشنل رٿابنديءَ جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس

مزید خبریں
ڪراچي- 06 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي خوراڪ کاتي واري صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان جي صدارت ۾ ڪڻڪ جي خريداري بابت تياريون ۽ آپريشنل رٿابنديءَ جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري غلام عباس نائچ، ڊائريڪٽر خوراڪ سميت پوري صوبي جي ضلعي آفيسرن شرڪت ڪئي، جتي ايندڙ 30 ڏينهن دوران ڪڻڪ جي خريداريءَ واري عمل لاءِ ڪيل انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران صوبائي وزير کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سيزن ۾ سنڌ ۾ ڪڻڪ جي متوقع پيداوار لڳ ڀڳ 4.5 ملين ميٽرڪ ٽن آهي. ان موقعي تي مخدوم محبوب الزمان چيو ته سنڌ حڪومت 1 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ 87.5 ارب رپين جي لاڳت سان خريد ڪندي ته جيئن مارڪيٽ ۾ استحڪام برقرار رهي سگهي ۽ صوبي جي آبادگارن جي مفادن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي. صوبائي وزير هدايت ڪئي ته سڄي صوبي ۾ قائم ڪيل 109 پروڪيورمينٽ سينٽرز کي مڪمل طور فعال بڻايو وڃي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سمورا انتظام مرڪزن جي گنجائش مطابق مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن خريداريءَ جو عمل بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رهي سگهي. هن چيو ته هاري ڪارڊ ۽ بينڪنگ نظام ذريعي هارين کي 48 ڪلاڪن اندر ادائيگي يقيني بڻائي وڃي ته جيئن شفافيت ۽ اعتماد کي هٿي ملي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي سپورٽ پرائيس 3500 رپيا في 40 ڪلو مقرر ڪئي آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته مارڪيٽ ريٽ سان هم آهنگي برقرار رهي. بارداڻي جي انتظامي پلان تي روشني وجهندي صوبائي وزير هدايت ڪئي ته في 50 ڪلو ڪڻڪ جي ٻوريءَ تي 60 رپيا هارين کي فراهم ڪيا وڃن ته جيئن خريداريءَ جي عمل کي آسان بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته جتي ضرورت هجي اتي اضافي عملو مقرر ڪيو وڃي ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽرز سميت لاڳاپيل آفيسرن جي وقتائتي پوسٽنگ يقيني بڻائي وڃي. صوبائي وزير واضح ڪيو ته ڪڻڪ جي چوري، گهوٻين ۽ ملاوٽ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي ۽ ان حوالي سان زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪئي ويندي. هن مانيٽرنگ نظام کي وڌيڪ سخت ڪرڻ، فيلڊ فارميشنز ذريعي اثرائتي نگراني، روزانو جي بنياد تي رپورٽنگ ۽ رڪارڊ جي ڊجيٽلائيزيشن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن اها به هدايت ڪئي ته کليل آسمان هيٺ رکيل ڪڻڪ کي ترجيحي بنيادن تي ترت منتقل ڪيو وڃي ته جيئن ڪنهن به نقصان کان بچي سگهجي. شفافيت ۽ جوابدهي کي يقيني بڻائڻ لاءِ صوبائي وزير ڊپٽي ڪشنرز جي نگرانيءَ ۾ ضلعي سطح تي اثرائتو ڪمپلينٽ ريڊريسل مڪينزم (شڪايت نوارڻ جو نظام) قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جنهن ۾ زراعت کاتي، خوراڪ کاتي ۽ آبادگار بورڊ جا نمائندا شامل هوندا ته جيئن هارين جي مسئلن جو جلد حل ممڪن بڻائي سگهجي. صوبائي وزير گودامن جي مرمت، صفائي ۽ فيوميگيشن (جراثيم ڪش دوا جي ڇَٽڻ) واري عمل کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڏيندي چيو ته خوراڪ کاتي جو سيڪريٽري پاڻ فيوميگيشن پلان جي نگراني ڪندو. سندس چوڻ هو ته هو پاڻ مختلف ڊويزنن ۽ ضلعن جو دورو ڪري ڪڻڪ جي خريداريءَ واري عمل جي نگراني ڪندو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سنڌ حڪومت شفاف ۽ هاري دوست نظام ذريعي صوبي ۾ غذائي تحفظ ۽ قيمتن ۾ استحڪام کي يقيني بڻائيندي.











