وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي بنون ۾ نادرا آفيس جي ٻاهران فائرنگ جي واقعي جي مذمت

اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بنون جي علائقي ۾ نادرا آفيس جي ٻاهران فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي فائرنگ جي واقعي جي شديد مذمت ڪئي آهي. گهرو وزير، شهادت ماڻيندڙ پوليس اهلڪار ۽ سيڪيورٽي گارڊ کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيد اهلڪارن جي پونئيرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سيڪيورٽي گارڊ گل شاهه نور ۽ اهلڪار …

اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بنون جي علائقي ۾ نادرا آفيس جي ٻاهران فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي فائرنگ جي واقعي جي شديد مذمت ڪئي آهي. گهرو وزير، شهادت ماڻيندڙ پوليس اهلڪار ۽ سيڪيورٽي گارڊ کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيد اهلڪارن جي پونئيرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سيڪيورٽي گارڊ گل شاهه نور ۽ اهلڪار رفيع الله فرضن جي ادائيگي ۾ شهادت جو عظيم رتبو ماڻيو. ٻنهي اهلڪارن فرض جي راهه ۾ جان قربان ڪري بهادري جو اعليٰ مثال قائم ڪيو. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ شهيد اهلڪارن جي پونئيرن سان گڏ آهيون.