اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) وفاقي حڪومت اسلام آباد سيف سٽي پراجيڪٽ جي دائره ڪار کي وصعت ڏيندي ان کي مڪمل طور تي ڪيپيٽل سمارٽ سٽيءَ ۾ تبديل ڪرڻ جو وڏو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت گاديءَ واري هنڌ ۾ پوليسنگ، ٽريفڪ ۽ شهري سهولتن جي سموري نظام کي هڪ ئي ڊجيٽل پليٽ فارم تي منتقل ڪيو ويندو. وفاقي وزير محسن نقوي سيف سٽي هيڊ ڪوارٽر جو دؤرو …
اسلام آباد سيف سٽي کي ڪيپيٽل سمارٽ سٽيءَ ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو
اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) وفاقي حڪومت اسلام آباد سيف سٽي پراجيڪٽ جي دائره ڪار کي وصعت ڏيندي ان کي مڪمل طور تي ڪيپيٽل سمارٽ سٽيءَ ۾ تبديل ڪرڻ جو وڏو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت گاديءَ واري هنڌ ۾ پوليسنگ، ٽريفڪ ۽ شهري سهولتن جي سموري نظام کي هڪ ئي ڊجيٽل پليٽ فارم تي منتقل ڪيو ويندو. وفاقي وزير محسن نقوي سيف سٽي هيڊ ڪوارٽر جو دؤرو ڪيو ۽ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ منصوبي جي فيز ٽو تي ٿيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ گهرو وفاقي وزير محسن نقوي، خرم آغا، ڊي جي ايف آءِ اي، آءِ جي اسلام آباد ۽ ڊي جي سيف سٽي سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. گهرو وزير اجلاس دوران سيف سٽي هيڊ ڪوارٽر جي نئين ڊزائين جي منظوري ڏني ۽ هدايت ڪئي ته 30 مئي تائين فيز ٽو تي سمورا ڪم مڪمل ڪيا وڃن. هن چيو ته اسلام آباد جي سينٽرل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم کي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي ته جيئن ٽريفڪ مئنجمينٽ ۽ ڪرائيم ڪنٽرول لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي سگهجي. آءِ جي اسلام آباد پوليس علي ناصر رضوي، گهرو وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ته فيز ٽو تي هاڻي تائين 75 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. سڄي شهر ۾ 152 ڪلوميٽر ڊگهي فائبر آپٽڪ ڪيبل وڇائجي چڪي آهي. جديد ڪئميرائون ۽ مانيٽرنگ سسٽم لڳائڻ جو عمل آخري مرحلي ۾ آهي ۽ 20 مئي کان ٽيسٽنگ جي شروعات ڪئي ويندي. ان موقعي تي محسن نقوي جو چوڻ هو ته شهرين جي تحفظ ۽ سهولتن جا سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن. هن واضح ڪيو ته مقرر وقت اندر منصوبي جي مڪمل ٿيڻ کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو ته جيئن اسلام آباد کي عالمي معيار جو محفوظ ۽ سمارٽ سٽي بڻائي سگهجي.












