اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته هڪ صحتمند قوم ئي ترقي يافته ۽ مستحڪم رياست جو بنياد هوندي آهي. ڪالهه صحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته صحت جو عالمي ڏينهن اسان کي ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته عوام کي معياري، وقت سر ۽ برابريءَ جي طبي سهولتن جي فراهمي رياست …
هڪ صحتمند قوم ئي ترقي يافته ۽ مستحڪم رياست جو بنياد هوندي آهي: سردار اياز صادق

مزید خبریں
اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته هڪ صحتمند قوم ئي ترقي يافته ۽ مستحڪم رياست جو بنياد هوندي آهي. ڪالهه صحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته صحت جو عالمي ڏينهن اسان کي ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته عوام کي معياري، وقت سر ۽ برابريءَ جي طبي سهولتن جي فراهمي رياست جي بنيادي ذميداري آهي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان کي صحت جي شعبي ۾ ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، جن ۾ طبي سهولتن تائين محدود پهچ، وسيلن جي کوٽ ۽ تيزيءَ سان وڌندڙ آبادي شامل آهي. هن چيو ته انهن چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ مربوط حڪمت عملي، پائيدار پاليسي سازي ۽ عملي قدم اڻٽر آهن ته جيئن هر شهريءَ کي بنيادي صحت جون سهولتون بنا فرق فراهم ڪري سگهجن. هن چيو ته حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا صحت جي شعبي جي بهتريءَ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن، خاص ڪري ڏورانهن ۽ پُٺتي پيل علائقن ۾ صحت جي سهولتن جي فراهميءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته احتياطي تدبيرون، صحتمند طرزِ حڪمراني ۽ اثرائتي آگاهي مهمن ذريعي بيمارين جي روڪٿام کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي. اسپيڪر چيو ته صحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان کي ان عزم جي تجديد ڪرڻ گهرجي ته هڪ صحتمند معاشري جي قيام لاءِ پنهنجي اجتماعي ذميدارين کي پورو ڪنداسين ۽ ملڪ جي صحت جي نظام کي وڌيڪ مضبوط ۽ اثرائتو بنائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين.










