انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ واڌ

اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب سومر ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ 03 پئسن جي واڌ رڪارڊ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 279 روپيا 07 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو اگهه 74 رپيا 33 پئسا، جڏهن ته بحرين جي دينار جو اگهه 740 رپيا 24 پئسا رهيو. …

اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب سومر ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ 03 پئسن جي واڌ رڪارڊ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 279 روپيا 07 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو اگهه 74 رپيا 33 پئسا، جڏهن ته بحرين جي دينار جو اگهه 740 رپيا 24 پئسا رهيو. ساڳي طرح عمان جي ريال جو انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ اگهه 724 رپيا 86 پئسا رهيو، ڪويت جي دينار جو 909 رپيا 18 پئسا ۽ قطر جي ريال جي قيمت 76 رپيا 52 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي. ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي خريد واري قيمت 279 رپيا 05 پئسا ۽ وڪرو 280 رپيا 20 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي.