اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) ملڪ جي ناڻي جي مٽا سٽا وارن ذخيرن ۾ جاري مالي سال دوران نمايان اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جاري مالي سال جي شروعات کان 27 مارچ تائين جي مدي ۾ ملڪي ناڻي جي مٽا سٽا وارن ذخيرن ۾ مجموعي طور تي 3.699 ارب ڊالرن جو اضافو ٿيو آهي. گذريل سال جي پڄاڻي تي ملڪي ناڻي …
ملڪ جي ناڻي جي مٽا سٽا وارن ذخيرن ۾ جاري مالي سال دوران نمايان اضافورڪارڊ
اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) ملڪ جي ناڻي جي مٽا سٽا وارن ذخيرن ۾ جاري مالي سال دوران نمايان اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جاري مالي سال جي شروعات کان 27 مارچ تائين جي مدي ۾ ملڪي ناڻي جي مٽا سٽا وارن ذخيرن ۾ مجموعي طور تي 3.699 ارب ڊالرن جو اضافو ٿيو آهي. گذريل سال جي پڄاڻي تي ملڪي ناڻي جي مٽا سٽا وارن ذخيرن جو ڳاڻيٽو 18.091 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو هو، جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 12.728 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ 5.363 ارب ڊالر هو. 27 مارچ تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ جي مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 21.790 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ ناڻي جي مٽا سٽا جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 16.382 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ 5.408 ارب ڊالر هو.












