اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته آمريڪا ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش سم فينسي فوڊ شو 2026ع ۾ شرڪت لاءِ 15 اپريل تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش ۾ پاڪستان جي مقامي چانورن، ڪافي، چانهه، بيوريجز، گلابي لوڻ، ڊيري، گوشت، فروزن فوڊ، سي فوڊ، ميون، ڀاڄين، تيل، فاسٽ فوڊ سان واڳيل ماڻهو پنهنجي …
ٽي ڊي اي پي پاران آمريڪا ۾ عالمي واپاري نمائش ۾ شرڪت لاءِ درخواستون 15 اپريل تائين طلب
اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته آمريڪا ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش سم فينسي فوڊ شو 2026ع ۾ شرڪت لاءِ 15 اپريل تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش ۾ پاڪستان جي مقامي چانورن، ڪافي، چانهه، بيوريجز، گلابي لوڻ، ڊيري، گوشت، فروزن فوڊ، سي فوڊ، ميون، ڀاڄين، تيل، فاسٽ فوڊ سان واڳيل ماڻهو پنهنجي مصنوعات عالمي خريدارن آڏو پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجا ڪاروباري معاملا طئي ڪري سگهندا. نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل اٿارٽي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿا.












