لاڙڪاڻو- 06 اپريل (اي پي پي) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (ون) لاڙڪاڻو سيد غضنفر علي شاھ چيو آهي ته ماءُ ۽ ٻار جي صحت کي برقرار رکڻ لاءِ کين وقت سر علاج ۽ تمام گھربل سهولتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن ته جيئن سندن صحت ۽ زندگي بچي سگھي ۽ ٻار دائمي معذوري کان بچي سگھن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊپٽي ڪمشنر آفيس لاڙڪاڻو ۾ ماءُ ۽ ٻار جي صحت بابت …
ايڊشنل ڊپٽي ڪمشنر (ون) لاڙڪاڻو جي صدارت ۾ ماءُ ۽ ٻار جي صحت بابت ضلعي رابطا ڪميٽيءَ جو اجلاس

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 06 اپريل (اي پي پي) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (ون) لاڙڪاڻو سيد غضنفر علي شاھ چيو آهي ته ماءُ ۽ ٻار جي صحت کي برقرار رکڻ لاءِ کين وقت سر علاج ۽ تمام گھربل سهولتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن ته جيئن سندن صحت ۽ زندگي بچي سگھي ۽ ٻار دائمي معذوري کان بچي سگھن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊپٽي ڪمشنر آفيس لاڙڪاڻو ۾ ماءُ ۽ ٻار جي صحت بابت ضلعي رابطا ڪميٽيءَ جي هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسان وٽ تفصيل هئڻ گھرجن ته جيئن اسان گڏجي ڪم ڪريون ۽ ان سان گڏوگڏ پي پي ايڇ آءِ، صحت کاتو پڻ پنهنجو ڪم سرانجام ڏي ته جيئن بهتر کان بهتر نتيجا حاصل ٿي سگھن. هن وڌيڪ چيو ته اوهان يونين ڪائونسل ليول تي ٻارن بابت سروي ڪريو ۽ مائڪرو پلان پڻ جوڙيو ته گذريل مهم دوران ڪيترن ٻارڙن کي مختلف بيمارين کان بچڻ لاءِ ڪيترا ڊوز ڏنا ويا ۽ ڪيترو مڪينزم ٺاهيو ويو، ان بابت پڻ تفصيلي آگاهي ڏني وڃي. ان موقعي تي هن هدايتون ڏيندي پي پي ايڇ آءِ ۽ صحت کاتي وارن کي چيو ته اوهان وٽ ڪيتريون مڊ وائيف آهن ۽ انهن جون ڊيوٽيون ڪٿي ڪٿي لڳل آهن، ان بابت پڻ تفصيل ڏنا وڃن ته جيئن صحيح ڄاڻ ملي سگھي. هن اهو پڻ چيو ته سڀني ادارن کي پابند ڪرڻو آهي ته جيئن اوهان سڀئي گڏجي ڪم ڪريو ته جيئن ٻارن کي صحت جون سموريون گھربل سهولتون ملي سگھن. هن چيو ته ٻارن جي صحت ۽ ممتا پروگرام کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته هر هڪ پنهنجي ذميواري محسوس ڪري ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ٿيڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته هن کان اڳ هي پروگرام سنڌ جي 15 ضلعن ۾ ڪامياب ٿيو آهي ۽ هينئر لاڙڪاڻي ۾ آيو آهي ته جيئن ماءُ ۽ ٻار جي صحت برقرار رهي سگھي. هن چيو ته اسان کي هن پروگرام کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ بهتر کان بهتر قدم کڻڻ گھرجن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي صحت جون سهولتون ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ بينظير نشونما پروگرام ۽ ممتا پروگرام تحت صحت جون تمام سهولتون ڏئي رهي آهي، ماءُ ۽ ٻار جي صحت سان گڏوگڏ ٻيون سهولتون پڻ مهيا ٿي سگھن. ان کان اڳ ممتا پروگرام جي ڪوآرڊينيٽر منصور احمد بروهي ڳالهائيندي چيو ته اسان ممتا پروگرام تحت ٻار ۽ ماءُ جي صحت کي برقرار رکڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪريون ٿا ۽ کين گھربل تمام سهولتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن ٿيون. ان موقعي تي پي پي ايڇ آءِ طرفان گڏجاڻي کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ويو ته اسان اٽڪل 90 سيڪڙو ٻارن کي صحت جون سهولتون مهيا ڪري ڏنيون آهن ۽ مختلف بيمارين سان گڏوگڏ پوليو مهم دوران ڪيترن ٻارن کي ڦڙا پيئاريا وڃن ٿا، انهن جو تفصيل پڻ موجود آهي ۽ رهيل ٻارن کي مڪمل ڊوز ڏنو ويندو آهي ۽ ان کي وڌيڪ بهتر کان بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجي عملي کي ٽريننگ پڻ ڏئي رهيا آهيون. گڏجاڻيءَ ۾ واسطيدار کاتن جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.











