سکر جي ڪمشنر پاران ڊپٽي ڪمشنر آفيس خيرپور جو دورو

سکر- 06 اپريل (اي پي پي) سکر جي ڪمشنر عابد سليم قريشي، ڊپٽي ڪمشنر آفيس خيرپور جو دورو ڪيو، جتي هن ڊي سي آفيس ۾ قائم ڪنٽرول روم جو به تفصيلي معائنو ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور الطاف احمد چاچڙ ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر (ڊي ايڇ او) خيرپور ڊاڪٽر برڪت ڪانهر پاران ڪمشنر سکر کي ضلعي ۾ ارڙي، چڪن پاڪس ۽ ٻين چمڙي جي بيمارين جي صورتحال بابت …

سکر- 06 اپريل (اي پي پي) سکر جي ڪمشنر عابد سليم قريشي، ڊپٽي ڪمشنر آفيس خيرپور جو دورو ڪيو، جتي هن ڊي سي آفيس ۾ قائم ڪنٽرول روم جو به تفصيلي معائنو ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور الطاف احمد چاچڙ ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر (ڊي ايڇ او) خيرپور ڊاڪٽر برڪت ڪانهر پاران ڪمشنر سکر کي ضلعي ۾ ارڙي، چڪن پاڪس ۽ ٻين چمڙي جي بيمارين جي صورتحال بابت جامع بريفنگ ڏني. ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ٻڌايو ته ڊي سي آفيس ۾ قائم ڪنٽرول روم کي 24 ڪلاڪ فعال رکيو ويو آهي، جتان صورتحال جي مسلسل نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ مليل شڪايتن تي فوري ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ضلعي ۾ دوائن ۽ ويڪسين جي وافر مقدار موجود آهي ۽ سڀني لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ رکيو ويو آهي. ضلعي انتظاميا، صحت کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن وچ ۾ مڪمل رابطو ۽ هم آهنگي قائم آهي ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال کي فوري طور منهن ڏنو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ ٻڌايو ته اسپتالن ۾ وقت سر آئسوليشن وارڊ قائم ڪرڻ سبب چمڙي جي بيمارين تي وڏي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي. هن چيو ته هيلٿ ڪيئر ڪميشن وٽ نه موثر ڊيٽا موجود آهي ۽ نه ئي مناسب ميپنگ ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري ان جي ڪارڪردگي اطمينان بخش ناهي. هن هدايتون جاري ڪندي سڀني اسسٽنٽ ڪمشنرن کي پنهنجي پنهنجي تعلقي مان ۽ تپيدارن کي پنهنجن لاڳاپيل تپن مان باقاعده رپورٽون فراهم ڪرڻ جو پابند بڻايو آهي ته جيئن صورتحال جي موثر نگراني ۽ بروقت قدمن کي يقيني بڻائي سگهجي. ڊي ايڇ او خيرپور بريفنگ ۾ ٻڌايو ته هيلٿ کاتي جون ٽيمون فيلڊ ۾ مسلسل ڪم ڪري رهيون آهن ۽ متاثر ٻارن کي بروقت طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن۔ هن چيو ته متاثر علائقن ۾ هيلٿ ٽيمون سرگرم آهن ۽ مريضن کي فوري طبي سهولتون ڏنيون پيون وڃن۔ اسپتالن ۾ آئسوليشن وارڊ قائم ڪيا ويا آهن جتي متاثر مريضن کي الڳ رکي علاج ڪيو پيو وڃي ۽ خاص طور ٻارن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. صحت کاتي جون ٽيمون فيلڊ ۾ اسڪريننگ، تشخيص ۽ علاج جون سهولتون به فراهم ڪري رهيون آهن. عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ مهم هلائي پئي وڃي ته جيئن احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون وڃن۔ ڪمشنر سکر عابد سليم قريشي بريفنگ تي اطمينان جو اظهار ڪندي وڌيڪ بهتري لاءِ واضح هدايتون جاري ڪيون۔ هن چيو ته ارڙي، چڪن پاڪس ۽ ٻين چمڙي جي بيمارين جي روڪٿام لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم تيز ڪيا وڃن۔ سڀني تعلقن ۾ آئسوليشن وارڊن جي تعداد ۾ اضافو ڪيو وڃي ۽ ڏورانهن علائقن تائين رسائي کي يقيني بڻايو وڃي جڏهن ته ڪنٽرول روم کي مڪمل طور فعال رکي 24 ڪلاڪ مانيٽرنگ جو موثر نظام قائم رکيو وڃي۔ هن عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڀرپور آگاهي مهم هلائڻ، خاص طور صفائي ۽ احتياطي تدبيرن تي زور ڏنو۔ ڪمشنر چيو ته هيلٿ کاتي ۽ ضلعي انتظاميا وچ ۾ ويجهو رابطو ۽ هم آهنگي وڌيڪ بهتر بڻائي وڃي، اسڪولن ۾ ٻارن جي اسڪريننگ ۽ ويڪسينشن کي يقيني بڻايو وڃي جڏهن ته دوائن، ويڪسين ۽ ٻين ضروري طبي سهولتن جي بنا رڪاوٽ فراهمي جاري رکي وڃي۔ هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري ريسپانس ميڪانيزم کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. آخر ۾ ڪمشنر سکر ضلعي انتظاميا ۽ هيلٿ کاتي جي ڪوششن کي ساراهيو.