اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پرتگال جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير پائولو رينجل ٽيليفون تي خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڇڪتاڻ ۾ فوري گهٽتائي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پرتگال جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير جي ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ
اسلام آباد- 06 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پرتگال جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير پائولو رينجل ٽيليفون تي خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڇڪتاڻ ۾ فوري گهٽتائي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو. پرتگالي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي فروغ ۾ پاڪستان حڪومت جي ڪوششن جي مڪمل حمايت ۽ واکاڻ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي پڻ ساراهيو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. هن اعليٰ سطٻي رابطن جي تسلسل جي اهميت تي زور ڏنو ۽ ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.












