لاڙڪاڻو _ 06 اپريل (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻواحمد چوڌري جي هدايتن تي ايس ايڇ او باڊھ انسپيڪٽر عبدالغفور ڇٽو مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون ڪندي سماجي برائين سميت ٻين ڏوھن ۾ ملوث 12 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.گرفتار جوابدارن ۾ الطاف ڪلھوڙو، حاجي خان ڊکڻ، ميھر بروھي، محمد ايوب تنيو، گل جان بروھي، شهزادو عرف طوطو سومرو، وسيم چنو، افضل ميراڻي، غلام حسين، عبدالرزاق، حنيف ۽ رفيق بروھي شامل آهن. گرفتار ملزمن خلاف الڳ الڳ ڪيس داخل ڪري …
باڊھ پُوليس جُون مختلف علائقن ۾ ڪارروايون، 12 جوابدار گرفتار، منشيات هٿ

مزید خبریں
لاڙڪاڻو _ 06 اپريل (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻواحمد چوڌري جي هدايتن تي ايس ايڇ او باڊھ انسپيڪٽر عبدالغفور ڇٽو مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون ڪندي سماجي برائين سميت ٻين ڏوھن ۾ ملوث 12 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.گرفتار جوابدارن ۾ الطاف ڪلھوڙو، حاجي خان ڊکڻ، ميھر بروھي، محمد ايوب تنيو، گل جان بروھي، شهزادو عرف طوطو سومرو، وسيم چنو، افضل ميراڻي، غلام حسين، عبدالرزاق، حنيف ۽ رفيق بروھي شامل آهن. گرفتار ملزمن خلاف الڳ الڳ ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.ٻي پاسي لاڙڪاڻو پوليس منشيات جي فراهمي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ويهڙ ٿاڻي جي حد ۾ ناگو شاهه واري علائقي مان منشيات فروش ملزم کي هڪ ڪلو پنجاھ گرام چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار ملزم جي سڃاڻپ محمد شريف جي نالي سان ٿي آهي. ملزم کان منشيات جي خريدارن ۽ مقامي ڊيلرز بابت پڇا ڳاڇا جاري آهي.ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري منشيات جي فراهمي جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي لاڳاپيل پوليس ٽيم لاءِ تعريف جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جا حڪم ڏنا آهن.











