اسلام آبا-05 اپريل (اي پي پي) سڄي پاڪستان ۾ مسيحي برادري گذريل ڏينهن ايسٽر مذهبي عقيدت ۽ خوشي سان ملهايو. دي فيلو يونائيٽڊ چرچ اسلام آباد جي پاسٽر اسٽيفن جان گذريل ڏينهن ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ايسٽر مسيحن لاءِ سڀني کان اهم تهوار آهي، ڇو جو اهو ياد ڏياري ٿو ته هر ڏکيائي کانپوءِ آساني ۽ نئين شروعات ٿيندي آهي. پاڪستان ۾ گرجاگهرن ۾ خاص دعائون ڪيون …
سڄي پاڪستان ۾ رهندڙ مسيحي برادري ايسٽر مذهبي عقيدت ۽ خوشي سان ملهايو

مزید خبریں
اسلام آبا-05 اپريل (اي پي پي) سڄي پاڪستان ۾ مسيحي برادري گذريل ڏينهن ايسٽر مذهبي عقيدت ۽ خوشي سان ملهايو. دي فيلو يونائيٽڊ چرچ اسلام آباد جي پاسٽر اسٽيفن جان گذريل ڏينهن ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ايسٽر مسيحن لاءِ سڀني کان اهم تهوار آهي، ڇو جو اهو ياد ڏياري ٿو ته هر ڏکيائي کانپوءِ آساني ۽ نئين شروعات ٿيندي آهي. پاڪستان ۾ گرجاگهرن ۾ خاص دعائون ڪيون ويون جتي ماڻهو وڏي انگ ۾ گڏ ٿيا. پاسٽر اسٽيفن جان چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ مسيحي پنهنجا مذهبي تهوار ان ئي خوشي جي جذبي سان ملهائيندا آهن جيئن سندن مسلمان ڀائر ملهائيندا آهن، ٻئي برادريون هڪ ٻئي جي خوشين ۾ شريڪ ٿينديون آهن.











