اسلام آباد-05 اپريل (اي پي پي)خيبرپختونخوا مان سينيٽر مراد سعيد جي نااهلي سبب خالي ٿيل سيٽ تي اميدوارن پاران نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو سلسلو (اڄ) سومر کان شروع ٿيندو جيڪو ٻه ڏينهن جاري رهندو جڏهن ته پولنگ 23 اپريل تي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري شيڊول مطابق اميدوارن جي شروعاتي لسٽ اربع تي جاري ڪئي ويندي. انهن جي ڇنڊ ڇاڻ 10 اپريل جڏهن ته ريٽرننگ آفيسر پاران نامزدگي ڪاغذ …
سينيٽ ۾ مراد سعيد جي نااهلي سبب خالي ٿيل سيٽ تي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ سُومر کان جمع ڪرايا ويندا، پولنگ 23 اپريل تي ٿيندي

مزید خبریں
اسلام آباد-05 اپريل (اي پي پي)خيبرپختونخوا مان سينيٽر مراد سعيد جي نااهلي سبب خالي ٿيل سيٽ تي اميدوارن پاران نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو سلسلو (اڄ) سومر کان شروع ٿيندو جيڪو ٻه ڏينهن جاري رهندو جڏهن ته پولنگ 23 اپريل تي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري شيڊول مطابق اميدوارن جي شروعاتي لسٽ اربع تي جاري ڪئي ويندي. انهن جي ڇنڊ ڇاڻ 10 اپريل جڏهن ته ريٽرننگ آفيسر پاران نامزدگي ڪاغذ منظور يا رد ڪرڻ خلاف اپيلون 13 اپريل تائين ڪري سگهجن ٿيون جن کي 15 اپريل تائين اڪلايو ويندو. نظر ثاني ٿيل لسٽ 16 اپريل تي جاري ٿيندي. نامزدگي ڪاغذ 17 اپريل تي واپس وٺي سگهجن ٿا. پولنگ 23 اپريل تي ڪي پي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي عمارت ۾ ٿيندي.











