اسلام آباد-05 اپريل (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينھن جاري تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 41 ھزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 08 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 74 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 74 هزار 600 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 27 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 27 هزار 100ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 52 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 08 هزار 300 ڪيوسڪ آھي. جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 26 هزار 800 ڪيوسڪ …
ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-05 اپريل (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينھن جاري تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 41 ھزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 08 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 74 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 74 هزار 600 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 27 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 27 هزار 100ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 52 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 08 هزار 300 ڪيوسڪ آھي. جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 26 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 20 هزار 600 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1456.59 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 1.225 ملين ايڪڙ فٽ، منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1143.60 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 1.466 ملين ايڪڙ فٽ جڏھن ته چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 648.50 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.285 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.











