شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو: آصف علي زرداري

اسلام آباد-04 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اڄ اسان اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت جي 47هين ورسي ملهائي رهيا آهيون، جنهن جي زندگي 4 اپريل 1979ع تي جنرل ضياءَ الحق جي مارشل لا دور ۾ هلايل هڪ ڪيس کانپوءِ ناحق ختم ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي …

اسلام آباد-04 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اڄ اسان اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت جي 47هين ورسي ملهائي رهيا آهيون، جنهن جي زندگي 4 اپريل 1979ع تي جنرل ضياءَ الحق جي مارشل لا دور ۾ هلايل هڪ ڪيس کانپوءِ ناحق ختم ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو، 1971ع کانپوءِ مشڪل دور ۾ سندس قيادت قومي اعتماد کي بحال ڪرڻ ۽ ملڪ کي هڪ نئي آئيني رستي تي آڻڻ ۾ مدد ڏني. هن چيو ته 1973ع جي آئين جي منظوري جيڪو اڄ به اسان جي پارلياماني نظام جي رهنمائي ڪري رهيو آهي، ان دور جي سڀ کان پائيدار ڪاميابين مان هڪ آهي، سندس حڪومت اهڙين پاليسين ۽ ادارن جو بنياد رکيو جن ايندڙ سالن ۾ پاڪستان جي اسٽريٽڪ رخ ۽ قوم سوچ کي شڪل ڏني، صدر مملڪت چيو ته اٽڪل اڌ صدي کانپوءِ ان جي غير منصفاڻي، غير قانوني ۽ غير آئيني ڦاهي جي حوالي سان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان 6 مارچ 2024ع تي پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي منصفاڻي ٽرائيل ۽ قانوني گهرجن جو حق نه ڏنو ويو. هن چيو ته عدالت مشاهدو ڪيو ته قانوني ڪارروائي منصفاڻي ٽرائيل ۽ قانون جي ضابطن جي هر جهلڪ کي ختم ڪيو ويو ۽ اهو ظاهر ڪيو ويو ته هڪ بي گناهه شخص کي جلدبازي ۾ ڦاهي ڏني وئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته عدالت جي راءِ ۾ منصفاڻي طريقيڪار سان ڪيتريون ئي سنگين ڀڃڪڙين جي نشاندهي ڪئيو ئي، قتل جي جاچ مئي 1976ع ۾ باضابطه طور بند ڪئي وئي هئي، ڇاڪاڻ ته پوليس ۽ تحقيقاتي ادارا جوابدارن جو تعين ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا، جڏهن ته 5 جولاءِ 1977ع کان فوري پوءِ جنرل ضياءَ الحق مارشل لا ذريعي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو، ڪيس کي بنا ڪنهن قانوني اجازت جي ٻيهر کوليو ويو ۽ ان ڪيس کي غير معمولي طريقي سان لاهور هاءِ ڪورٽ منتقل ڪيو ويو، جوابدار کي اطلاع ڏيڻ بنا کائنس اپيل جي حق کان محروم ڪيو ويو ۽ اهم قانوني خدشن کي غير موثر بڻايو ويو جن ۾ فوجداري ضابطي جي قلم 376 تحت اهو به لازمي شرط به شامل ڪيو ويو ته هر موت واري سزا جي توثيق هاءِ ڪورٽ ڪري. صدر مملڪت چيو ته عدالت نوٽ ڪيو ته ان شق کي صرف هڪ ڀيرو نظر انداز ڪيو ويو ۽ هي اهو ئي ڪيس هو، هن چيو ته 1979ع ۾ سندس ڦاهي پاڪستان کان ٻاهر به ڳڻتي کي جنم ڏنو، جتي ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن ۽ مبصرن ڪيس ۽ سزا جي حالتن تي بي چيني جو اظهار ڪيو، ائين اهو واقعو نه رڳو پاڪستان جي داخلي سياسي تاريخ ۾ پر انصاف، قانون ۽ سياسي اختيارن بات عالمي بحث ۾ اهم مقام رکي ٿو. صدر چيو ته اهو ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته انصاف ۽ قانوني ضابطه رڳو نظرياتي اصول ناهن، انهن جي موجودگي يا عدم موجودگي شهرين جي روزاني جي زندگي ۾ محسوس ڪئي ويندي آهي، چاهي اهو عدالتون، عوامي آفيسون، ڪم وارا هنڌ يا اسڪولن ۾ هجن. جڏهن ادارا منصفاڻي ۽ قانون موجب ڪم ڪن ٿا ته شهرين کي يقين ٿئي ٿو ته انهن جا حق محفوظ رهندا پر جڏهن اهو معيار ڪمزور ٿي وڃي ٿو ته ان جا اثر سڀ کان وڌيڪ عام ماڻهو تي پون ٿا. صدر چيو ته اچو ته اسان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جرئت ۽ قرباني کي به ياد ڪريون، جنهن پنهنجي والده بيگم نصرت ڀٽو سان گڏجي سياسي ڏاڍ قيد ۽ بند ۽ جلاوطني جي دور ۾ ان جدوجهد کي اڳيان وڌايو، جمهوري مزاحمت ۽ مسلسل جدوجهد خاص ڪري جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ ذريعي هن پاڪستان ۾ آئيني نظام جي بحالي جون ڪوششون جاري رکيون ۽ آخرڪار جمهوري قدرن خاطر پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو. صدر چيو ته قوم طور اسان کي پنهنجي تاريخ جي ان باب ۾ واضح سبق حاصل ڪرڻ گهرجن، اسان جي ادارن تي اها مستقل ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته هو قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائين، قانوني گهرجن جو تحفظ ڪن ۽ انصاف جي فراهمي کي غير جانبدار ۽ منصفاڻو بڻائين. هن چيو ته اهي ئي اصول اسان جي جمهوريت جي مضبوطي ۽ عوام جي رياستي ادارن تي اعتماد لاءِ ضروري آهن.

مزید خبریں