اسلام آباد-04 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو مدبر ۽ عوام دوست اڳواڻ هو جنهن پاڪستان جي جمهوري، سماجي ۽ دفاعي بنيادن کي مضبوط بڻائڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو نظريو ان جي اميد واري پيغام ۽ عوام سان وابستگي کي ياد ڪندي اسان کي هن عهد کي ورجائڻ گهرجي ته اسان آئين ۽ …
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي جمهوري، سماجي ۽ دفاعي بنيادن کي مضبوط بڻائڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو: يوسف رضا گيلاني

مزید خبریں
اسلام آباد-04 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو مدبر ۽ عوام دوست اڳواڻ هو جنهن پاڪستان جي جمهوري، سماجي ۽ دفاعي بنيادن کي مضبوط بڻائڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو نظريو ان جي اميد واري پيغام ۽ عوام سان وابستگي کي ياد ڪندي اسان کي هن عهد کي ورجائڻ گهرجي ته اسان آئين ۽ جمهوري اصولن جي روشني ۾ هڪ مضبوط، خوشحال ۽ ترقي يافته پاڪستان جي قيام لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب پيپلزپارٽي جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 47 هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ناليوارو، مدبر ۽ عوام دوست اڳواڻ هو جنهن پاڪستان جي جمهوري، سماجي ۽ دفاعي بنيادن کي مضبوط بڻائڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ ۾ جمهوريت کي مستحڪم ڪيو ۽ عوام کي حقيقي معنيٰ ۾ اقتدار جو سرچشمو بڻايو، سندس اڳواڻي ۾ 1973ع جو متفقه آئين جوڙيو ويو جيڪو اڄ به پاڪستان جي جمهوري نظام، وفاقي استحڪام ۽ عوامي حقن جي ضمانت آهي. هن چيو ته شهيد ِڀٽو آئين جي بالادستي، جمهوري قدرن ۽ عوامي حقن لاءِ هميشه اصولي جدوجهد ڪئي ۽ هارين، مزدورن توڙي عورتن جو موثر آواز بڻيو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته شهيد ڀٽو جي بصيرت واري قيادت ۽ انقلابي سوچ پاڪستان کي ترقي، پاڻڀرو ٿيڻ ۽ عوامي فلاح جي راهه تي گامزن ڪيو. هن پٺتي پيل طبقن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪري کين بااختيار بڻائڻ لاءِ عملي قدم کنيا جن جي نتيجي ۾ صنعت، معيشت ۽ تعليم جي شعبن ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي. هن چيو ته ملڪ جي دفاع کي مضبوط بڻائڻ لاءِ شهيد ڀٽو جا تاريخي فيصلا خاص ڪري پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جو بنياد رکڻ، قومي سلامتي لاءِ پيڙهه جو پٿر ثابت ٿيو، اهڙي طرح سندس متحرڪ پرڏيهي پاليسي، پاڪستان کي عالمي سطح تي باوقار ۽ خودمختيار سڃاڻپ ڏني، جڏهن ته اسلامي سربراهي اجلاس جي ميزباني مسلمان امت جي اتحاد کي هٿي ڏني. سينيٽ چيئرمين چيو ته شهيد ڀٽو جي خدمتن جو اعتراف نه رڳو پاڪستان پر عالمي سطح تي به ڪيو وڃي ٿو. سندس جدوجهد، قربانيون ۽ عوامي خدمت جو جذبو اڄ به قوم لاءِ مشعل راهه آهي ۽ سندس فڪر تي عمل ڪندي ملڪ ۾ سماجي انصاف، جمهوري استحڪام ۽ قومي هم آهنگي کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي. هن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي خدمتن کي به خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هن جمهوريت کي هٿي وٺرائڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ عوامي حقن جي تحفظ لاءِ مثالي جدوجهد ڪئي ۽ مسلمان دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم بڻجي تاريخ رقم ڪئي. سيد يوسف رضا گيلاني وڌيڪ چيو ته صدر مملڪت آصف علي زرداري جمهوري روايتن کي مستحڪم ڪندي پارلياماني نظام کي طاقت ڏني، جڏهن ته 18 هين آئيني ترميم جهڙا قدم صوبن کي خودمختياري ۽ هڪجهڙن حقن جي فراهمي يقيني بڻائي. هن ان ڳالهه تي به روشني وڌي ته پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوجوان قيادت طور جمهوري قدرن ۽ عوامي خدمتن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.











