اسلام آباد-04 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سياسي، جمهوري جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي سياسي تاريخ جو هڪ مدبر ۽ دور انديش اڳواڻ هو، جن جي سياسي بصيرت ۽ عوامي خدمت کي تاريخ هميشه ياد رکندي. اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 47 هين ورسي جي موقعي تي …
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي سياسي تاريخ جو هڪ مدبر ۽ دور انديش اڳواڻ هو: سردار اياز صادق

مزید خبریں
اسلام آباد-04 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سياسي، جمهوري جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي سياسي تاريخ جو هڪ مدبر ۽ دور انديش اڳواڻ هو، جن جي سياسي بصيرت ۽ عوامي خدمت کي تاريخ هميشه ياد رکندي. اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 47 هين ورسي جي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ ۾ جمهوري شعور کي اجاگر ڪيو ۽ عوام کي سندن بنيادي حقن کان آگاهه ڪيو، شهيد ڀٽو پاڪستان کي 1973ع جو متفقه آئين ڏنو، جيڪو اڄ به ملڪي جمهوري نظام جو بنياد آهي. اسپيڪر چيو ته سندس قيادت ۾ پاڪستان سفارتي، دفاعي ۽ عوامي سطح تي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون ۽ عالمي سطح تي هڪ باوقار مقام حاصل ڪيو. هن چيو ته شهيد ڀٽو جي سياسي جدوجهد عوامي حقن، خودمختياري ۽ وقار لاءِ هڪ اعليٰ مثال هئي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي جمهوري جدوجهد ۽ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ ڏنل قربانيون ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه آهن. اسپيڪر چيو ته اسان کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ويزن ۽ جمهوريت لاءِ ڏنل خدمتن جي روشني ۾ اڄوڪي ڏينهن اهو وچن ڪرڻ گهرجي ته اسان جمهوريت، آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين، ڇاڪاڻ ته مضبوط جمهوري ادارا ئي پاڪستان جي روشن مستقبل جي ضمانت آهن.











