صدر مملڪت پاران پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ رئيس غلام قادر مري جي وفات تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد-03 اپريل (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ رئيس غلام قادر مري جي وفات تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مطابق صدر مملڪت مرحوم جي پارٽي لاءِ ۽ جمهوري جدوجهد لاءِ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته رئيس غلام قادر مري عوامي خدمتن ۽ پارٽي جي استحڪام لاءِ قدر جوڳو ڪردار ادا …

اسلام آباد-03 اپريل (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ رئيس غلام قادر مري جي وفات تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مطابق صدر مملڪت مرحوم جي پارٽي لاءِ ۽ جمهوري جدوجهد لاءِ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته رئيس غلام قادر مري عوامي خدمتن ۽ پارٽي جي استحڪام لاءِ قدر جوڳو ڪردار ادا ڪيو. هن ڏکويل ڪٽنب سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته هو ڏک جي ان گهڙي ۾ وارثن سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. صدر مملڪت الله تعاليٰ کان مرحوم جي درجن جي بلندي، مغفرت ۽ پوئنرن لاءِ صبر جي دعا به ڪئي.

مزید خبریں