بنون-03 اپريل(اي پي پي) خيبرپختونخواه جي بنون ضلعي جي ڊوميل ٿاڻي تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن پاران ڪيل آپگهاتي حملي کي سيڪيورٽي فورسز وقت تي ڪارروائي ڪندي ناڪام بڻائي ڇڏيو، جڏهن ته حملو ڪندڙ پاڻ کي ٿاڻي جي ٻاهران ڌماڪي سان اڏائي ويجهي سول آبادي کي نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ 5 معصوم شهري شهيد ۽13 زخمي ٿي پيا. سيڪيورٽي ذريعن موجب شهيد ٿي ويلن ۾3 عورتون ۽ هڪ ٻار …
سيڪيورٽي فورسز جي وقت تي ڪارروائي ، ڊوميل تي فتنه الخوارج جو بزدلاڻو حملو ناڪام

مزید خبریں
بنون-03 اپريل(اي پي پي) خيبرپختونخواه جي بنون ضلعي جي ڊوميل ٿاڻي تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن پاران ڪيل آپگهاتي حملي کي سيڪيورٽي فورسز وقت تي ڪارروائي ڪندي ناڪام بڻائي ڇڏيو، جڏهن ته حملو ڪندڙ پاڻ کي ٿاڻي جي ٻاهران ڌماڪي سان اڏائي ويجهي سول آبادي کي نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ 5 معصوم شهري شهيد ۽13 زخمي ٿي پيا. سيڪيورٽي ذريعن موجب شهيد ٿي ويلن ۾3 عورتون ۽ هڪ ٻار به شامل آهي. زخمين کي فوري طور تي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي انهن کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اثرائتن حفاظتي قدمن ۽ سيڪيورٽي انتظامن جي نتيجي ۾ دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ناڪام ٿيا ۽ ڊوميل کي نقصان پهچائڻ واري ڪوشش ناڪام بڻائي وئي. جڏهن ته حملو ڪندڙ پاران سول آبادي کي نشانو بڻائڻ سبب جاني نقصان پيش آيو. واقعي کان پوءِ فوري طور تي ريسڪيو ٽيمون ۽ مقامي ماڻهو پهچي ويا ۽ متاثر عمارتن جي ڀنجو کي هٽائڻ سميت ٻيون امدادي ڪاروايون شروع ڪيون ويون آهن. سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ اينڊ ڪليئرنس آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ذريعن موجب نيشنل ايڪشن پلان تحت آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين ڪارروايون جاري رهنديون.











