اسلام آباد ۾ ايندڙ 30 ڏينهن لاءِ سموري پبلڪ ٽرانسپورٽ عوام لاءِ مفت ڪئي ويندي: محسن نقوي

اسلام آباد-03 اپريل (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اعلان ڪيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايتن تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ايندڙ 30 ڏينهن لاءِ سموري پبلڪ ٽرانسپورٽ عوام لاءِ مفت ڪئي ويندي. هن ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته اها سهولت اڄ کان لاڳو هوندي ۽ اسلام آباد جا سمورا شهري ان مان فائدو کڻي سگهندا. ان قدم …

اسلام آباد-03 اپريل (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اعلان ڪيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايتن تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ايندڙ 30 ڏينهن لاءِ سموري پبلڪ ٽرانسپورٽ عوام لاءِ مفت ڪئي ويندي. هن ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته اها سهولت اڄ کان لاڳو هوندي ۽ اسلام آباد جا سمورا شهري ان مان فائدو کڻي سگهندا. ان قدم جو مقصد وڌندڙ سفري خرچن کي نظر ۾ رکندي شهرين کي فوري ۽ وسيع رليف فراهم ڪرڻ آهي. گهرو وزارت موجب هڪ مهيني جي ان منصوبي تي اٽڪل 35 ڪروڙ روپيا خرچ ايندا جيڪي حڪومت برداشت ڪندي. عملدارن جو چوڻ آهي ته اهو قدم عوام تي مالي بار گهٽ ڪرڻ ۽ شهرين لاءِ سفري سهولتن کي وڌيڪ آسان بڻائڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. عملدارن موجب ان اسڪيم مان روزاني هزارين مسافرن کي فائدو پهچڻ جي اميد آهي، جن ۾ شاگرد، مزدور ۽ گهٽ آمدني وارا طبقا شامل آهن جيڪي وڌيڪ پبلڪ ٽرانسپورٽ تي ڀاڙيندا آهن. پبلڪ ٽرانسپورٽ جي آپريشنز ۽ شامل روٽس بابت وڌيڪ تفصيل ايندڙ ڏينهن ۾ جاري ڪرڻ جو امڪان آهي.

مزید خبریں