اسلام آباد-03 اپريل(اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات جي ا سمگلنگ خلاف ڪارواين دوران 8 جوابدار ن کي گرفتار ڪري انهن جي قبضي مان 1 ڪروڙ 70 لک روپين کان وڌيڪ جي 74.3 ڪلو گرام منشيات هٿ ڪئي آهي. اي اين ايف جي ترجمان موجب ماڊل ٽائون اسلام آباد ويجهو موٽر سائيڪل سوار ٻن جوابدارن وٽان 16. 3 ڪلو گرام چرس ، 30 بور …
اينٽي نارڪوٽڪس فورس جون مختلف شهرن ۾ ڪارروايون، 8 جوابدار گرفتار، 74.3 ڪلو گرام منشيات هٿ

مزید خبریں
اسلام آباد-03 اپريل(اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات جي ا سمگلنگ خلاف ڪارواين دوران 8 جوابدار ن کي گرفتار ڪري انهن جي قبضي مان 1 ڪروڙ 70 لک روپين کان وڌيڪ جي 74.3 ڪلو گرام منشيات هٿ ڪئي آهي. اي اين ايف جي ترجمان موجب ماڊل ٽائون اسلام آباد ويجهو موٽر سائيڪل سوار ٻن جوابدارن وٽان 16. 3 ڪلو گرام چرس ، 30 بور پسٽل، ڪالا شاه ڪاڪو ٽول پلازه ويجهو موٽر سائيڪل سوار ٽن جوابدارن جي قبضي مان 10 ڪلو گرام هيروئن، ياور ڊسٽرڪٽ پشين ۾ گاڏي مان 24 ڪلو گرام چرس هٿ ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. يارو پشين ۾ ڪاروائي دوران گاڏي مان 18 ڪلو گرام چرس هٿ ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي. ٻئي پاسي منڊي موڙ اسلام آباد ويجهو گاڏي مان 4 ڪلو گرام چرس ۽ 1.2 ڪلو گرام آئس هٿ آئي آهي جڏهن ته جوابدرن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي. جوابدرن خلاف منشيات جي روڪ ٿام واري ايڪٽ 1997 تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.











