رياض -03 اپريل (اي پي پي)سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان روس جي صدر وليديمير پيوٽن ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق رابطي دوران خطي ۾ فوجي ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي خطي جي تيزي سان تبديل ٿيندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ولاديمير پيوٽن روس پاران سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ لاءِ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. …
سعودي عرب جي ولي عهد ۽ روس جي صدر جو رابطو، خطي جي تبديل ٿيندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
رياض -03 اپريل (اي پي پي)سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان روس جي صدر وليديمير پيوٽن ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق رابطي دوران خطي ۾ فوجي ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي خطي جي تيزي سان تبديل ٿيندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ولاديمير پيوٽن روس پاران سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ لاءِ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن وڌندڙ ڇڪتاڻ جي ناڪاري اثرن، ميري ٽائم سيڪيورٽي ۽ عالمي معيشت تي ان جي اثرن تي به ڳالهيون ڪيون.











