مسلم ورلڊ ليگ پاران فلسطينين کي موت جي سزا ڏيڻ جي اختيار جي اسرائيلي قانون جي مذمت

رياض  -03 اپريل (اي پي پي)مسلم ورلڊ ليگ (رابطه عالم اسلامي) اسرائيل جي پارليامينٽ پاران منظور ٿيل ان قانون جي مذمت ڪئي آهي جيڪو مخصوص طور تي موت جي سزا جي اجازت ڏئي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق مسلم ورلڊ ليگ جو چوڻ آهي ته قانون فلسطينين خلاف مت ڀيد واري سلوڪ تي ٻڌل آهي ۽ اهو نئون قانون والاريل اولهندي ڪناري ۾ موت جي سزا کي انهن فلسطينين لاءِ هڪ …

رياض  -03 اپريل (اي پي پي)مسلم ورلڊ ليگ (رابطه عالم اسلامي) اسرائيل جي پارليامينٽ پاران منظور ٿيل ان قانون جي مذمت ڪئي آهي جيڪو مخصوص طور تي موت جي سزا جي اجازت ڏئي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق مسلم ورلڊ ليگ جو چوڻ آهي ته قانون فلسطينين خلاف مت ڀيد واري سلوڪ تي ٻڌل آهي ۽ اهو نئون قانون والاريل اولهندي ڪناري ۾ موت جي سزا کي انهن فلسطينين لاءِ هڪ طئي ٿيل سزا بڻائيندو جن کي اسرائيلين تي حملن جا الزامن ۾ سزا ٻڌائي وئي آهي. اولهندي ڪناري ۾ فلسطينين خلاف فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلايو ويندو آهي جڏهن ته اسرائيلي شهرين سميت انهن فلسطينين جيڪي اسرائيل ۾ رهندا آهن، خلاف شهري عدالتن ۾ ڪيس هلايو ويندو آهي پر بل ۾ اثرائتي طور تي استعمال ڪيل ٻولي جو مطلب اهو آهي ته شهري عدالتن ۾ رڳو فسطينين کي موت جي سزا کي منهن ڏيڻو پوندو. مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل ۽ مسلمان اسڪالرز جي تنظيم جي چيئرپرسن محمد العيسيٰ ان قانون جي مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي فلسطينين خلاف جبر، نسلي مت ڀيد، انساني حقن جي ڀڃڪڙي ۽ فلسطينين سان مت ڀيد واري سلوڪ جو سلسلو قرار ڏنو آهي. هن ان ڳالهه جي به ڪئي ته سعودي عرب، ترڪيه، مصر، انڊونيشيا، اردن، پاڪستان، قطر ۽ گڏيل عرب امارتن جي پرڏيهي وزيرن پاران به مسلم ورلڊ ليگ جي موقف جي تائيد ۽ قانون جي مذمت ڪئي وئي آهي.