گڏيل قومن 3 سالن کانپوءِ سوڊان ۾ آفيس ٻيهر کولي ڇڏي

خرطوم  -03 اپريل (اي پي پي)گڏيل قومن اٽڪل 3 سالن کانپوءِ سوڊان ۾ آفيس ٻيهر کولي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن سوڊان جي شهر خرطوم ۾ پنهنجي مرڪزي آفيس ٻاهر کولي ڇڏيو ۽ گڏو گڏ گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) جون سرگرميون به بحال ڪيون، جنهن سان ملڪ ۾ اٽڪل ٽن سالن جي وقفي بعد گڏيل قومن جون سرگرميون ٻيهر شروع ٿيڻ جا رستا هموار …

خرطوم  -03 اپريل (اي پي پي)گڏيل قومن اٽڪل 3 سالن کانپوءِ سوڊان ۾ آفيس ٻيهر کولي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن سوڊان جي شهر خرطوم ۾ پنهنجي مرڪزي آفيس ٻاهر کولي ڇڏيو ۽ گڏو گڏ گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) جون سرگرميون به بحال ڪيون، جنهن سان ملڪ ۾ اٽڪل ٽن سالن جي وقفي بعد گڏيل قومن جون سرگرميون ٻيهر شروع ٿيڻ جا رستا هموار ٿيا. افتتاحي تقريب ۾ محي الدين سالم، گڏيل قومن جا عهديدار ۽ خرطوم رياست جي حڪومت جي نمائندن شرڪت ڪئي. سوڊان جي پرڏيهي وزير بيان ۾ چيو ته آفيس جي ٻيهر کلڻ سان خرطوم رياست جي حڪومت ۽ گڏيل قومن وچ ۾ سهڪار جي بحالي ظاهر ٿئي ٿي ۽ ان سان ملڪ جي استحڪام لاءِ عالمي شراڪتداري جي هاڪاري اشاري طور ساراهيو.