لاڙڪاڻو-03 اپريل(اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس باڊه ٿاڻي جي حد بوٿرو روڊ واري علائقي ۾ ڪامياب ڪاروائي ڪري قتل جي ڪيس ۾ گهربل جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ٿيل جوابدار جي سڃاڻپ راحيل گاڏهي طور ٿي آهي، جيڪو ذاتي دشمني جي بنياد تي وزير پنهور جي قتل جي ڪيس ۾ ملوث آهي. جوابدار کان وڌيڪ جاچ جاري آهي، ٻئي پاسي لاڙڪاڻو پوليس ڏوڪري ٿاڻي جي حد محرابپور روڊ واري …
لاڙڪاڻو پوليس جي ڪارروائي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار گرفتار

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-03 اپريل(اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس باڊه ٿاڻي جي حد بوٿرو روڊ واري علائقي ۾ ڪامياب ڪاروائي ڪري قتل جي ڪيس ۾ گهربل جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ٿيل جوابدار جي سڃاڻپ راحيل گاڏهي طور ٿي آهي، جيڪو ذاتي دشمني جي بنياد تي وزير پنهور جي قتل جي ڪيس ۾ ملوث آهي. جوابدار کان وڌيڪ جاچ جاري آهي، ٻئي پاسي لاڙڪاڻو پوليس ڏوڪري ٿاڻي جي حد محرابپور روڊ واري علائقي مان منشيات فراهمي واري ڪوشش کي ناڪام بڻائيندي جوابدار کي ٽي ڪلو چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آهي.گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ رفيق سيٺار نالي سان ٿي آهي جڏهن ته ان حوالي سان وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.











