ايشيائي ترقياتي بئنڪ هنگامي حالتن ۾ فوري مالي سهڪار لاءِ نئين نظام جي منظوري ڏئي ڇڏي

 اسلام آباد-02 اپريل (اي پي پي)ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي ) هنگامي حالتن ۾ فوري مالي سهڪار لاءِ  نئين نظام جي منظوري ڇڏي . بئنڪ پاران جاري بيان مطابق ريپڊ ريسورس ري پروگرامنگ اينڊ ڊولپمينٽ آپشن (ٿري آرڊي او ) جي نالي سان نئين مالياتي نظام سان اسرندڙ ملڪن کي بحران جي وقت فوري رد عمل لاءِ سهولت جي فراهمي کي ممڪن بڻايو ويو آهي . ان نظام تحت لاڳاپيل …

 اسلام آباد-02 اپريل (اي پي پي)ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي ) هنگامي حالتن ۾ فوري مالي سهڪار لاءِ  نئين نظام جي منظوري ڇڏي . بئنڪ پاران جاري بيان مطابق ريپڊ ريسورس ري پروگرامنگ اينڊ ڊولپمينٽ آپشن (ٿري آرڊي او ) جي نالي سان نئين مالياتي نظام سان اسرندڙ ملڪن کي بحران جي وقت فوري رد عمل لاءِ سهولت جي فراهمي کي ممڪن بڻايو ويو آهي . ان نظام تحت لاڳاپيل ملڪ نئين مالي سهڪار جي منظوري جو انتظار ڪرڻ کانسواءِ بئنڪ جي موجوده سرڪاري منصوبن جي فنڊ کي نئين سر مقرر ڪري فوري امدادي ۽ شروعاتي بحالي لاءِ استعمال ڪري سگهندا . ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي صدر ماسا تو ڪاندرا ٻڌايو ته وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار ان ڳالهه جو واضع ثبوت آهي ته اسان جي خطي کي جاگرافيائي، سياسي ۽ معاشي جهٽڪن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو ، بحران دوران معيشت ۽ معاشي طورتي ڪمزور طبقن جي تحفظ لاءِ رفتار انتهائي اهم هوندي آهي ، ۽ اهو نئون نظام اسرندڙ ملڪن کي اها صلاحيت فراهم ڪندو آهي ته هو هفتن يا مهينن بدران ڪجهه ڏينهن ۾ عملي قدم کڻي سگهن . بيان ۾ ٿري آرڊي او خاص طورتي ان انتهائي حساس شروعاتي مرحلي يعني ڪنهن آفت يا هنگامي صورتحال بعد پهرين ڪجهه ڏينهن کي سامهون رکندي تيار ڪيو ويو آهي . اهو اهڙو وقت هوندو آهي جڏهن حڪومتن لاءِ ضروري شيون ۽ خدمت جي دستيابي يقيني بڻائڻ ۽ اهم سرڪاري نظام کي مستحڪم رکڻ اڻٽر هوندو آهي . نئين نظام  تحت اهي اسرندڙ ملڪ جيڪي پهريان طئي ٿيل شرط پوران  ڪن ٿا ، اي ڊي بي کي درخواست ڪري سگهن ٿا ته ان جي غير استعمال ٿيل  سرڪاري فنڊن جي پورٽ فوليو جو وڌ کان وڌ 10 سيڪڙو يا ننڍن ٻيٽ نما اسرندڙ ملڪن لاءِ 25 سيڪڙو تائين ٻيهر مقرر ڪيو وڃي . اهي وسيلا پهريان کان منظور ٿيل هنگامي رد عمل ذريعي استعمال ڪيا ويندا آهن جنهن جي منظوري پهريان کان ئي اي ڊي پي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ڏئي چڪو هوندوآهي . جيتوڻيڪ هنگامي حالتن لاءِ شرط ، قابل قبول خرچ ۽ عملدرآمد جو طريقڪار پهريان کان طئي ٿيل هوندوآهي ان لاءِ حڪوتي درخواست ملڻ جي 24 ڪلاڪن اندر ان نظام کي فعال ڪري سگهجي ٿو . بيان ۾ 2020 ع کان 2025ع دوران ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي خطي ۾ اي ڊي بي جي ميمبر ملڪن ۾ مجموعي طورتي 1227 آفتون رپورٽ ڪيون ويون جن جي نتيجي ۾ 106000 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ۽ اٽڪل 341 ارب ڊالرن جو معاشي نقصان ٿيو . ان مان 62 آفتن ۾ باقاعده هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون جن ۾ مجموعي طوررتي فوتگين جو 56 سيڪڙو معاشي نقصان جو 23 سيڪڙو شامل هو . ٿري آرڊي کانسواءِ اضافي لاڳت جو دستياب آپشن آهي جنهن کي اسرندڙ ملڪ بحران جي وقت ٻين مالياتي سهولتن سان گڏ استعمال ڪري سگهن ٿا .

مزید خبریں