ملڪ ۾ هن وقت ڪو به آپريشن نه ٿي رهيو آهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد-02 اپريل (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت ڪو به نئون آپريشن نه ٿي رهيو آهي، ماڻهن جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪارروايون جاري رهنديون آهن. سوالن واري وقفي دوران هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون …

اسلام آباد-02 اپريل (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت ڪو به نئون آپريشن نه ٿي رهيو آهي، ماڻهن جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪارروايون جاري رهنديون آهن. سوالن واري وقفي دوران هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪارروايون جاري رهنديون آهن، جڏهن ته ملڪ ۾ ڪو به باقاعده آپريشن نه ٿي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته غربت جي خاتمي لاءِ ڊيٽا ڪوليڪشن ۽ ري رجسٽريشن هر ٽن سالن کانپوءِ ٿيندي آهي، ان ۾ سمورن انگن اکرن کي ڏٺو ويندو آهي.

مزید خبریں