اسلامو فوبيا ۾ اضافو ۽ غلط معلومات جي پکيڙ اسلام جي حقيقي تصور کي خراب ڪري رهي آهي: سردار محمد يوسف

مڪه مڪرمه-02 اپريل (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته مسلمان امت کي ڏکيا ۽ گهڻ رخا چئلينجز درپيش آهن،  اسلامو فوبيا ۾ اضافو، انتهاپسندي ۽ تشدد جي واقعن ۽ غلط معلومات جي پکيڙ سنگين خدشا آهن جيڪي  اسلام جي حقيقي تصور کي خراب ڪري رهيا آهن ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن، انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ …

مڪه مڪرمه-02 اپريل (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته مسلمان امت کي ڏکيا ۽ گهڻ رخا چئلينجز درپيش آهن،  اسلامو فوبيا ۾ اضافو، انتهاپسندي ۽ تشدد جي واقعن ۽ غلط معلومات جي پکيڙ سنگين خدشا آهن جيڪي  اسلام جي حقيقي تصور کي خراب ڪري رهيا آهن ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن، انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ جامع عالمي حڪمت عملي، موثر رابطا ۽ مضبوط بين المذاهب ڳالهين جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن اسلامي ملڪن جي اوقاف ۽ مذهبي معاملن وارن وزيرن جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي 15 هين ڪانفرنس کي خطاب ڪند ڪيو. هن چيو ته آئون حرمين شريفين جي متولي شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي قيادت ۽ سرپرستي ۽ ان اهم ملاقات جي شاندار انتظامن ۽ زبردست مهمانوازي لاءِ مملڪت سعودي عرب جي حڪومت جو دل جي گهراين سان خراج تحسين پيش ڪرڻ چاهيان ٿو.  هن ڊاڪٽر عبداللطيف آل الشيخ جي مسلمان امت جي اتحاد، مذهبي رهنمائي ۽ اوقاف جي نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سندس اڻ ڳڻين خدمتن کي به ساراهيو. هن چيو ته هي ملاقات نه رڳو ان معزز فورم جي تسلسل جي نمائندگي ڪري ٿي پر مسلمان امت جي فڪري ۽ مذهبي رهنمائي لاءِ اسان جي اجتماعي عزم جي تجديد پڻ آهي. پاڪستان ان پليٽ فارم کي اسلامي دنيا ۾ اعتدال، هم آهنگي، امن ۽ بامعنيٰ تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ انتهائي موثر سمجهي ٿو. هن چيو ته اسان ميمبر ملڪن جي خيالن جي جامع انداز ۾ شامل ڪرڻ ۾ جنرل سيڪريٽريٽ جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا جيڪي گڏيل اعتماد ۽ گڏيل ذميواري جي عڪاسي ڪن ٿا. پاڪستان ان اجلاس جي تجويز ڪيل فيصلن ۽ سفارشن جي حمايت جو اظهار ڪري ٿو ۽ ان تي موثر عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڀري ٿو. هن چيو ته پاڪستان گذريل ٻن ڏهاڪن دوران دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف هڪ مستقل ۽ پرعزم جدوجهد ڪئي آهي. اسان جي مذهبي اسڪالرز انتهاپسنداڻي بياني جو مقابلو ڪرڻ ۽ سماجي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۾ بهترين ڪردار ادا ڪيو آهي. هن قرآن حڪيم  جو حوالو ڏيندي چيو ته قرآن ڪريم اسان ي حڪمت، اعتدال ۽ تعميري فڪر ۽ فهم ڏانهن رهنمائي ڪري ٿو، هن چيو ته انهن اصولن کي اسان جي اجتماعي نقطه نظر جو بنياد بڻجڻ گهرجي ته جيئن اسان دنيا آڏو اسلام جو حقيقي، پرامن ۽ متوازن تصور پيش ڪري سگهون. هن چيو ته پاڪستان هڪ متوازن، پرامن ۽ باوقار عالمي اسلامي بيانيه جي جوڙجڪ لاءِ هن فورم سان ڪم ڪرڻ لاءِ پوري طرح پرعزم آهي ۽گڏيل قدمن، تربيتي پروگرامن ۽ پاليسي جي حوالي سان تعاون وڌائڻ لاءِ تيار آهي.

مزید خبریں