لاڙڪاڻو - 02 اپريل (اي پي پي) ميئر لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي لهر ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو سان گڏ برسات دوران شهر جي مختلف پمپنگ اسٽيشنن تي پهچي صورتحال جو جائزو ورتو. ميئر لاڙڪاڻو برساتي پاڻي جي نيڪالي لاءِ جنريٽرز کي فعال رکڻ ۽ عملي کي فيلڊ ۾ رهڻ جي هدايتون ڏنيون. ميئر لاڙڪاڻو سيپڪو انتظاميا سان رابطو ڪري بجلي جي فراهمي بغير وقفي جاري رکڻ جي هدايتون …
ميئر ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو پاران برسات دوران شهر جي مختلف پمپنگ اسٽيشنن جو دورو، صورتحال جو جائزو ورتو

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 02 اپريل (اي پي پي) ميئر لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي لهر ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو سان گڏ برسات دوران شهر جي مختلف پمپنگ اسٽيشنن تي پهچي صورتحال جو جائزو ورتو. ميئر لاڙڪاڻو برساتي پاڻي جي نيڪالي لاءِ جنريٽرز کي فعال رکڻ ۽ عملي کي فيلڊ ۾ رهڻ جي هدايتون ڏنيون. ميئر لاڙڪاڻو سيپڪو انتظاميا سان رابطو ڪري بجلي جي فراهمي بغير وقفي جاري رکڻ جي هدايتون ڏنيون ته جيئن شهر مان پاڻي نيڪالي جو عمل مڪمل ٿي سگهي. ان موقعي تي ميونسپل ڪمشنر ڊاڪٽر جاويد انور عباسي، اسسٽنٽ ڪمشنر راجا خان قريشي، گينسو ڪمپني جي گل محمد شيخ سميت ٻيا عملدار پڻ موجود ھئا.











