لاڙڪاڻو- 02 اپريل(اي پي پي) سنڌ حڪومت جي هدايتن تحت ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور طرفان ڳڙهي تيغو جي ڪچي جي علائقي ۾ سماجي ۽ معاشي بهتري (سوشو اڪنامڪ اپلفٽ) لاءِ مختلف سرگرميون منعقد ڪيون ويون، ان موقعي تي اي ڊي سي ون شڪارپور فيضان ظفر سرگرمين جو دورو ڪيو. سماجي ۽ معاشي بهتري جي سرگرمين تحت صحت کاتي طرفان مفت ميڊيڪل ڪيمپ ۽ اي پي آئي ويڪسينيشن ڪئي وئي، جڏهن ته …
سنڌ حڪومت جي هدايتن تحت ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور پاران ڳڙهي تيغو جي ڪچي جي علائقي ۾ سماجي ۽ معاشي بهتري لاءِ پروگرام منعقد، ماڻهن کي مختلف سهُولتُون فراهم ڪيُون ويون

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 02 اپريل(اي پي پي) سنڌ حڪومت جي هدايتن تحت ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور طرفان ڳڙهي تيغو جي ڪچي جي علائقي ۾ سماجي ۽ معاشي بهتري (سوشو اڪنامڪ اپلفٽ) لاءِ مختلف سرگرميون منعقد ڪيون ويون، ان موقعي تي اي ڊي سي ون شڪارپور فيضان ظفر سرگرمين جو دورو ڪيو. سماجي ۽ معاشي بهتري جي سرگرمين تحت صحت کاتي طرفان مفت ميڊيڪل ڪيمپ ۽ اي پي آئي ويڪسينيشن ڪئي وئي، جڏهن ته ايس آر ايس او ۽ تعليم کاتي طرفان ڪتابن ۽ ڪاپين جي ورڇ ڪئي وئي، نادرا طرفان ايم آر وي ذريعي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پيدائش سرٽيفڪيٽس ٺاهي ڏيڻ جي سهولت مهيا ڪئي وئي، لائيو اسٽاڪ کاتي طرفان ويٽرنري ڪيمپ لڳائي، جانورن جو علاج ۽ ويڪسينيشن ڪئي وئي،

بي آءِ ايس پي طرفان ايم آر وي ذريعي اهل عورتن جي رجسٽريشن ۽ سروي ڪئي وئي، جڏهن ته ايس آر ايس او طرفان ڪميونٽي موبلائيزيشن، ڳوٺاڻين تنظيمن جي قيام ۽ ايس پي ايڇ ايف لاءِ سروي ۽ ويريفڪيشن ڪئي وئي، ڳڙهي تيغو جي ڪچي جي علائقي ۾ ٿيل ان سماجي ڀلائي جي پروگرام ۾ سوين ڳوٺاڻن مردن، عورتن ۽ ٻارن شرڪت ڪئي ۽ مُختلف ادارن پاران فراهم ڪيل سهُولتن مان فائدو حاصل ڪيو.











