بدعنواني جي خاتمي ۽ شفافيت کي هٿي ڏيڻ جون ڪوششون عالمي ايجنڊا، پائيدار ترقياتي هدفن سان هم آهنگ آهن: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد-02 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين  سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته بدعنواني جي خاتمي ۽ شفافيت کي هٿي ڏيڻ جون ڪوششون عالمي ايجنڊا خاص ڪري گڏيل قومن جي 2030ع جي پائيدار ترقياتي هدفن سان هم آهنگ آهن، جيڪي مضبوط ادارن جي قيام، ڪرپشن جي خاتمي ۽ پائيدار ترقي لاءِ اڻٽر آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين اهڙو اظهار قومي احتساب بيورو جي چيئرمين …

اسلام آباد-02 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين  سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته بدعنواني جي خاتمي ۽ شفافيت کي هٿي ڏيڻ جون ڪوششون عالمي ايجنڊا خاص ڪري گڏيل قومن جي 2030ع جي پائيدار ترقياتي هدفن سان هم آهنگ آهن، جيڪي مضبوط ادارن جي قيام، ڪرپشن جي خاتمي ۽ پائيدار ترقي لاءِ اڻٽر آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين اهڙو اظهار قومي احتساب بيورو جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. سيد يوسف رضا گيلاني قومي احتساب بيورو جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي ملڪ ۾ شفاف طرز حڪمراني ۽ قومي خوشحالي کي هٿي ڏيڻ ۾ سندس ڪردار کي ساراهيو. هن ڪرپشن خلاف موثر قدمن، شفافيت کي هٿي ڏيڻ ۽ احتساب جي نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ بيورو جي مسلسل ڪوششن کي واکاڻ جوڳو قرا ڏنو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته وزيراعظم طور، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ هاڻي سينيٽ چيئرمين، هن هميشه شفافيت ۽ احتساب جي اصولن جي حمايت ڪئي آهي. هن جو چوڻ هو ته هي رڳو انتظامي سڌارا ناهن پر بهتر طرز حڪمراني جا بنيادي ٿنڀ آهن، هن نيب جي سالياني رپورٽ 2025ع کي هڪ نهايت اهم دستاويز قرار ڏيندي چيو ته اها رپورٽ اداري جي ڪارڪردگي ۽ حڪمت عملي جي حوالي سان جامع رهنمائي فراهم ڪري ٿي. هن ان ڳالهه جي به نشاندهي ڪئي ته سينيٽ آف پاڪستان به پنهنجي سالياني رپورٽ جاري ڪري ٿو، جيڪا شفافيت ۽ احتساب جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ عوام کي اداره جاتي ڪارڪردگي کان آگاهه رکي ٿي. سينيٽ چيئرمين نيب جي سالياني رپورٽ 2025ع جي نمايان نقطن جو حوالو ڏيندي 6 کرب رپين کان وڌيڪ جي تاريخي ريڪوري کي ساراهيو، جيڪي 1999ع ۾ اداري جي قيام کانپوءِ سڀ کان وڏي سالياني وصولي آهي. هن چيو ته اها ڪاميابي قومي وسيلن ۽ عوامي سرمائي جي تحفظ لاءِ نيب جي عزم جو واضح ثبوت آهي. هن رپورٽ ۾ مالي رڪوري کي اداره جاتي سڌارن، ڊجيٽل جدت ۽ عوام دوست قدمن سان هم آهنگ ڪرڻ جي عمل کي ساراهيندي هن هڪ دور انديش حڪمت عملي قرار ڏنو، جيڪو بدعنواني کان پاڪ پاڪستان جي ويزن سان هڪجهڙائي رکي ٿي ۽ عوامي اعتماد کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ٿي. سينيٽ چيئرمين ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته بدعنواني جي خاتمي ۽ احتساب کي هٿي ڏيڻ لاءِ نيب جون مسلسل ڪوششون پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ اڻٽر آهن. هن خاطري ڪرائي ته سينيٽ ان اهم قومي مشن ۾ نيب سان مڪمل تعاون جاري رکندو. هن ادارن وچ ۾ موثر تعاون جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته مضبوط حڪمراني ۽ عوام کي انصاف جي فراهمي لاءِ گڏيل ڪوششون اڻٽر آهن. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته سينيٽ ۽ نيب وچ ۾ تعاون مستقبل ۾ وڌيڪ هٿي وٺندو ۽ نيب چيئرمين پنهنجون ذميواريون انهي جذبي ۽ لگن سان ادا ڪندو رهندو. خاص ڪري بدعنواني جي خاتمي ۽ بي ضابطگين جي روڪٿام لاءِ. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني نيب چيئرمين لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو ۽ اميد ڪئي ته هو پاڪستان ۾ احتساب جي عمل کي وڌيڪ بهتر بڻائيندو. نيب چيئرمين، سيد يوسف رضا گيلاني جي خيالن سان اتفاق ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ شفافيت کي هٿي ڏيڻ ۽ پاڪستان جي سمورن ادارن کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ هرممڪن قدم کنيا ويندا. ان موقعي تي سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽيندنگ ڪميٽي جو چيئرمين سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ سينيٽ جي انساني حقن بابت فنڪشنل ڪميٽي جي چيئرپرسن سينيٽر ثمينه ممتاز زهري به موجود هئي.

مزید خبریں