واپار واري وفاقي وزير سان برطانيا جي ڊي جي پوليٽيڪل جي ملاقات، ورڪنگ گروپس فعال ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان برطانيا جي ڊائريڪٽر جنرل پوليٽيڪل خميس ڏينهن وفد سان گڏ ملاقات ڪئي جنهن دوران پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ واپار بابت ڳالهين جي اڳڀرائي ۽ هيلٿ ڪيئر ۽ لائف سائنسز ۾ ورڪنگ گروپ جي قيام کي ساراهيو، ڌرين آءِ ٽي، زراعت، پيشيوراڻي خدمتن، تعليم ۽ مهارتن ۾ ورڪنگ گروپس کي فعال ڪرڻ تي اتفاق …

اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان برطانيا جي ڊائريڪٽر جنرل پوليٽيڪل خميس ڏينهن وفد سان گڏ ملاقات ڪئي جنهن دوران پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ واپار بابت ڳالهين جي اڳڀرائي ۽ هيلٿ ڪيئر ۽ لائف سائنسز ۾ ورڪنگ گروپ جي قيام کي ساراهيو، ڌرين آءِ ٽي، زراعت، پيشيوراڻي خدمتن، تعليم ۽ مهارتن ۾ ورڪنگ گروپس کي فعال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. سيڪريٽري ڪامرس جواد پال فري ٽريڊ ايگريمينٽ (ايف ٽي اي) کي هٿي ڏيڻ جي تجويز پيش ڪئي. ڄام ڪمال خان چيو ته پاليسي ۾ مستقل مزاجي ۽ سڌارا ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري لاءِ اهم آهن، پاڪستان پنهنجي واپاري سڌارن ۽ پاليسي ۾ مستقل مزاجي ذريعي سيڙپڪارن لاءِ پرڪشش ملڪ بڻجي رهيو آهي. هن چيو ته واپاري سڌارا ۽ ساختي تبديليون ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري جي اعتماد کي وڌائي رهيون آهن. برطانوي وفد جي سربراهه چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ پاليسي ۾ شفافيت ۽ واضح اهڃاڻ سيڙپڪارن جو اعتماد وڌائي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان يو ڪي واپاري ڊائيلاگ مستقبل ۾ مضبوط اقتصادي شراڪت جو بنياد فراهم ڪندو. سندس چوڻ هو ته پاڪستاني باسمتي چانور جي جي آءِ ۽ ٽريڊ مارڪ رجسٽريشن تي سهڪار جاري رکڻ سان روانگي واپار کي فائدو ٿيندو. ڌرين آءِ ٽي، زراعت، پيشيوراڻين خدمتن، تعليم ۽ مهارتن ۾ ورڪنگ گروپس کي فعال ڪرڻ ۽ پاڪستاني باسمتي چانور جي جي آءِ ۽ ٽريڊ مارڪ رجسٽريشن جي معاملي تي ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں