اسلام آباد - 02 اپريل (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي افغان سرحد تي مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي پاڪ فوج جي جوانن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پاڪ فوج وقت سر ڪارروائي ڪندي ڀارتي حمايت يافته 8 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري سندن ناپاڪ عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. محسن نقوي چيو ته قوم …
وفاقي گهرو وزير پاران افغان سرحد تي دهشتگردن جي مداخلت ناڪام بڻائڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين

مزید خبریں
اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي افغان سرحد تي مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي پاڪ فوج جي جوانن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پاڪ فوج وقت سر ڪارروائي ڪندي ڀارتي حمايت يافته 8 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري سندن ناپاڪ عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. محسن نقوي چيو ته قوم کي پاڪ فوج جي پيشيوراڻين صلاحيتن ۽ جرئت تي فخر آهي ۽ سڄي قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن خلاف وڙهندڙ جوانن کي سلام پيش ڪريان ٿو.











