اڌ صدي جي وقفي کانپوءِ انسان بردار خلائي مشن چنڊ ڏانهن روانو

ڪينيڊا - 02 اپريل (اي پي پي) اڌ صدي کان وڌيڪ عرصي بعد هڪ ڀيرو ٻيهر انسان بردار خلائي مشن چنڊ ڏانهن روانو ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق ٽي آمريڪي ۽ ڪينيڊا جا خلاباز خلائي تحقيق جي آمريڪي اداري ناسا جي وڏي راڪيٽ تي سوار ٿي چنڊ جي چوڦير مدار ۾ گردش جي ڏهن ڏينهن واري سفر تي روانو ٿي ويا. وڏو نارنگي ۽ اڇي رنگ جو …

ڪينيڊا – 02 اپريل (اي پي پي) اڌ صدي کان وڌيڪ عرصي بعد هڪ ڀيرو ٻيهر انسان بردار خلائي مشن چنڊ ڏانهن روانو ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق ٽي آمريڪي ۽ ڪينيڊا جا خلاباز خلائي تحقيق جي آمريڪي اداري ناسا جي وڏي راڪيٽ تي سوار ٿي چنڊ جي چوڦير مدار ۾ گردش جي ڏهن ڏينهن واري سفر تي روانو ٿي ويا. وڏو نارنگي ۽ اڇي رنگ جو راڪيٽ مقامي وقت مطابق شام اٽڪل 6 لڳي 35 منٽن تي آمريڪي رياست فلوريڊا جي ڪينيڊي اسپيس سينٽر تان روانو ٿيو. مشن تي روانو ٿيندڙن ۾ مشن ڪمانڊر آمريڪي خلاباز ريڊوائزمين، وڪٽرگلوور ۽ ڪرسٽينا ڪوچ سان گڏو گڏو ڪينيڊا جو خلاباز جيريمي هينسن شامل آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽيليويزن تي نشر ٿيل خطاب ۾ ان ڪامياب لانچ کي وڏي ڳالهه قرار ڏيندي پنهنجي بهادر خلابازن جي ساراهه ڪئي. خلاباز هن وقت زمين جي چوڦير مدار ۾ آهن، جتي هو پهريون ڀيرو انسانن کي خلا ۾ کڻي ويندڙ ان خلائي جهاز جي قابل اعتماد هجڻ ۽ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان ڪجهه ٽيسٽ ڪندا.