صدر پاران اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد – 02 - اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب، صدر دهشتگردن خلاف هڪ موثر ۽ بروقت ڪارروائي ۾ 8 خوارج کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيت جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته مُلڪ جي دفاع ۽ سرحدن جي حفاظت ۾ سيڪيورٽي …

اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب، صدر دهشتگردن خلاف هڪ موثر ۽ بروقت ڪارروائي ۾ 8 خوارج کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيت جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته مُلڪ جي دفاع ۽ سرحدن جي حفاظت ۾ سيڪيورٽي فورسز جو ڪردار فخر جوڳو آهي. صدر افغان عبوري حڪومت تي زور ڏنو ته هو پنهنجي سرزمين کي پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪي.

مزید خبریں