پاڪستان ۽ ناروي وچ ۾ پيرس معاهدي جي آرٽيڪل 6.2 تحت مفاهمتي يادداشت تي صحيحون

اسلام آباد-01 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ناروي پيرس معاهدي جي آرٽيڪل 6.2 تحت پهريون تاريخي ٻه طرفو معاهدو ڪري ورتو آهي جنهن کان پوءِ پاڪستان لاءِ عالمي ڪاربن واپار، ڪلائميٽ فنانس، صاف توانائي ۽ ڪلائيمٽ سمارٽ زراعت ۾ سيڙپڪاريءَ جا نوان دروازا کُلي ويا آهن. موسمياتي تبديليءَ واري وزارت جي انتظام هيٺ ٿيل تقريب ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ان معاهدي کي عالمي ڪاربن مارڪيٽ ۾ …

اسلام آباد-01 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ناروي پيرس معاهدي جي آرٽيڪل 6.2 تحت پهريون تاريخي ٻه طرفو معاهدو ڪري ورتو آهي جنهن کان پوءِ پاڪستان لاءِ عالمي ڪاربن واپار، ڪلائميٽ فنانس، صاف توانائي ۽ ڪلائيمٽ سمارٽ زراعت ۾ سيڙپڪاريءَ جا نوان دروازا کُلي ويا آهن. موسمياتي تبديليءَ واري وزارت جي انتظام هيٺ ٿيل تقريب ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ان معاهدي کي عالمي ڪاربن مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي باضابطه داخلا ۽ ملڪي ماحولياتي سفارتڪاري ۾ هڪ وڏي اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر مصدق ملڪ معاهدي کي تاريخي سنگِ ميل قرار ڏيندي چيو ته هي معاهدو پاڪستان کي ڪاربن مارڪيٽ جي تياريءَ سان عملي عملدرآمد جي مرحلي ۾ داخل ڪندو. هن چيو ته هي آرٽيڪل 6.2 تحت پاڪستان جو پهريون ٻه طرفي معاهدو آهي جيڪو ماحولياتي ترجيحن ۾ عالمي سهڪار ۽ سيڙپڪاريءَ لاءِ اعتماد جوڳو رستو فراهم ڪندو. مصدق ملڪ موجب ان معاهدي تحت پاڪستان صاف توانائي، زراعت، ٽرانسپورٽ ۽ ويسٽ مئنجمينٽ جي شعبن ۾ اهڙا منصوبا شروع ڪري سگهندو جنهن مان ڪاربن ڪريڊٽس حاصل ٿئي ۽ انهن منصوبن مان پيدا ٿيندڙ نيڪال ۾ گهٽتائي ناروي کي وِڪرو ڪري سگهبي. هن چيو ته معاهدو اهڙي وقت ۾ ٿيو آهي جڏهن پاڪستان ٻوڏ، شديد گرمي ۽ ٻين موسمياتي آفتن کي مُنهن ڏئي رهيو آهي، ان لاءِ هي معاهدو ملڪ ۾ عالمي مالي وسيلا آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جنوري 2025ع ۾ ڪاربن ٽريڊنگ لاءِ قومي پاليسي رهنما اصول منظور ڪري چڪي آهي ۽ هاڻ ان مارڪيٽ کي فعال بنائڻ لاءِ قاعدن، رپورٽنگ نظام ۽ ٻه طرفه انتظام جوڙيا پيا وڃن. تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان ۾ ناروي جي سفير پير البرٽ الساس چيو ته هي معاهدو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ماحولياتي سهڪار جي نئين دؤر جي شروعات آهي. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديليءَ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي ۽ ناروي کي يقين آهي ته اها ڀائيواري نه صرف ڪاربن نيڪال ۾ پيمائش جوڳي گهٽتائي آڻيندو پر پاڪستان ۾ حقيقي ترقيءَ جا موقعا به پيدا ڪندو. نارويجن سفير چيو ته ناروي 2030ع تائين ماحولياتي طور تي غير جانبدار ملڪ بڻجڻ لاءِ پاڪستان جهڙن ملڪن سان ڪاربن ڪريڊٽس حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. هن ٻُڌايو ته ناروي ان مقصد لاءِ ڏيڍ ارب ڊالر رکيا آهن جڏهن ته 2030ع تائين ڏيڍ ڪروڙ ڪاربن ڪريڊٽس خريدڻ جو هدف به مقرر ڪيو ويو آهي.

مزید خبریں