لاڙڪاڻو – 01 اپريل (اي پي پي) جيڪب آباد پوليس نيشنل ايڪشن پلان تحت سڄي ضلعي جي هوٽلز، گيسٽ هاؤسز ۽ مسافرخانن جي مالڪن کي ھوٽل ۾ رھندڙ هر مهمان جي مڪمل معلومات وقت سر (ھوٽل آءِ مينيجمينٽ) پورٽل تي داخل ڪرائڻ جي ھدايت ڪئي آھي. جيڪب آباد پوليس ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ جيڪب آباد پوليس پاران نيشنل ايڪشن پلان (NAP – 2021) تحت سڄي ضلعي جي سمورين …
جيڪب آباد پوليس پاران ضلعي جي هوٽلز، گيسٽ هاؤسز ۽ مسافرخانن جي مالڪن کي هر مهمان جي مڪمل معلومات ڏيڻ جي ھدايت
لاڙڪاڻو – 01 اپريل (اي پي پي) جيڪب آباد پوليس نيشنل ايڪشن پلان تحت سڄي ضلعي جي هوٽلز، گيسٽ هاؤسز ۽ مسافرخانن جي مالڪن کي ھوٽل ۾ رھندڙ هر مهمان جي مڪمل معلومات وقت سر (ھوٽل آءِ مينيجمينٽ) پورٽل تي داخل ڪرائڻ جي ھدايت ڪئي آھي. جيڪب آباد پوليس ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ جيڪب آباد پوليس پاران نيشنل ايڪشن پلان (NAP – 2021) تحت سڄي ضلعي جي سمورين هوٽلن، گيسٽ هاؤسز ۽ مسافرخانن جي مالڪن کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته پنهنجي ھوٽل ۾ رھندڙ هر مهمان جي مڪمل معلومات وقت سر (ھوٽل آءِ مينيجمينٽ) پورٽل تي داخل ڪرائين. ڪنهن به شخص کي بنا سڃاڻپ دستاويزن يا آن لائن داخلا جي رھڻ جي اجازت هرگز نه ڏني وڃي. هر مهمان جو قومي سڃاڻپ ڪارڊ، مڪمل پتو، اچڻ ۽ رواني ٿيڻ جا تفصيل ۽ ٻي ضروري معلومات درست طور تي داخل ڪرڻ قانوني ذميواري آهي. جيڪب آباد پوليس ضلعي جي مختلف علائقن ۾ هوٽلز، گيسٽ هاؤسز ۽ مسافر خانن جي مسلسل چيڪنگ ڪري رهي آهي. ڪنهن به ھوٽل مالڪ پاران ھوٽل آءِ پورٽل تي مهمانن جي داخلا نه ڪرڻ جي صورت ۾ انهن خلاف بنا ڪنهن فرق جي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. مالڪن کي هدايت ڪئي وڃي ٿي ته اهي فوري طور قانون تي عملدرآمد يقيني بڻائين ته جيئن ڪنهن به قانوني پيچيدگي يا ڪارروائي کان بچي سگهجي. اهي قدم نيشنل ايڪشن پلان تحت ڏوھن ۾ ملوث ۽ شڪي عنصرن جي چرپر روڪڻ ۽ ضلعي ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ کنيا پيا وڃن. جيڪب آباد پوليس سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ گيسٽ هاؤسز، مسافر خانن ۽ هوٽل مالڪن پاران تعاون جي اميد رکي ٿي ته جيئن قانون تي مڪمل عملدرآمد ممڪن بڻائي سگهجي.











