اطلاعات کاتي سنڌ جي لاڙڪاڻو جي ريجنل ڊائريڪٽر جو صوبائي محتسب سنڌ ريجنل آفيس لاڙڪاڻو جو دورو

لاڙڪاڻو- پهرين اپريل (اي پي پي) اطلاعات کاتي سنڌ جي لاڙڪاڻو جي ريجنل ڊائريڪٽر ارشاد علي چانڊيو، انفارميشن آفيسرز لاڙڪاڻو معراج احمد سامٽيو، محمد اسلم کوکر ۽ ٻئي عملي سان گڏجي صوبائي محتسب سنڌ ريجنل آفيس لاڙڪاڻو جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سيد شڪيل حيدر ڪنسلٽنٽ محتسب ريجنل آفيس لاڙڪاڻو کين ايڪٽ نمبر 04 2010ع بابت بريفنگ ڏني. سيد شڪيل حيدر آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته ادارن ۾ سڀني آفيسرن ۽ …

لاڙڪاڻو- پهرين اپريل (اي پي پي) اطلاعات کاتي سنڌ جي لاڙڪاڻو جي ريجنل ڊائريڪٽر ارشاد علي چانڊيو، انفارميشن آفيسرز لاڙڪاڻو معراج احمد سامٽيو، محمد اسلم کوکر ۽ ٻئي عملي سان گڏجي صوبائي محتسب سنڌ ريجنل آفيس لاڙڪاڻو جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سيد شڪيل حيدر ڪنسلٽنٽ محتسب ريجنل آفيس لاڙڪاڻو کين ايڪٽ نمبر 04 2010ع بابت بريفنگ ڏني. سيد شڪيل حيدر آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته ادارن ۾ سڀني آفيسرن ۽ ملازمن کي مٿي ذڪر ڪيل ايڪٽ بابت ڄاڻ هئڻ گھرجي ۽ هر اداري ۾ انڪوائري ڪميٽي پڻ هئڻ گھرجي، جيڪا ملازمن ۽ خاص طور تي عورتن سان ڪم دوران ڪنهن به قسم جي هراسمينٽ بابت جاچ پڙتال ڪري سگھي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ادارن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي اهو محسوس ٿئي ٿو ته کين هراسان ڪيو وڃي ٿو ۽ ان سبب جي ڪري سندن روزگار متاثر ٿي سگھي ٿو ۽ سندن معاشي نقصان پڻ ٿي سگھي ٿو ته انهن کي هڪدم درخواست داخل ڪرڻ گھرجي ۽ سڀ کان پهريائين پنهنجي اداري ۾ درخواست ڏيڻ کانپوءِ اتي قائم ڪيل انڪوائري ڪميٽيءَ آڏو پيش ٿي پاڻ سان ٿيل هراسمينٽ بابت آگاهي ڏين. هن وڌيڪ چيو ته اها اسان جي ذميواري آهي ته معاشري ۾ آگاهي ڏيون ته ڪنهن جي به خلاف ڪوڙا ڪيس داخل نه ٿيڻ گھرجن ڇاڪاڻ ته قانون کان اڻ ڄاڻ هئڻ سبب معاشري ۾ وڌ کان وڌ ڏوھ ٿين ٿا. هن چيو ته سرڪاري توڙي نجي ادارن ۾ عورتن کي هراسان ڪيو وڃي ٿو پوءِ انهن مردن خلاف قدم کڻڻ گھرجن ۽ قانوني ڪارروائي پڻ ٿيڻ گھرجي. هن چيو ته ڪجھ شيون تعليم سان ۽ ڪجھ شيون تجربن سان حاصل ٿينديون آهن ان لاءِ ضروري آهي ته ڄاڻ حاصل ڪرڻ گھرجي ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾پُڻ عورتن کي هراسان ڪيو وڃي ٿو ۽ داد رسي نه ٿيڻ سبب اهڙن ڪيسن جو انگ وڌي رهيو آهي. ان موقعي تي ريجنل ڊائريڪٽر انفارميشن لاڙڪاڻو ارشاد علي چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته اسان وٽ ٻهراڙين مان ايندڙ ماڻهن جو تعداد وڌيڪ آهي ۽ تعليم جي گھٽتائي ۽ قانون جي ڄاڻ نه هئڻ سبب معاشري ۾ ڏوهن جو تعداد وڌي رهيو آهي ان لاءِ ضروري آهي ته اهڙا آگاهي پروگرام ٿيڻ گھرجن ته جيئن ماڻهو ڄاڻ حاصل ڪري سگھن.