ٽرمپ نيٽو کي ڪاغذي شينهن قرار ڏئي ڇڏيو، دفاعي اتحاد سان ڌار ٿيڻ تي سنجيدگي سان غور ڪري رهيو آهيان: ٽيليگراف سان ڳالهيون

واشنگٽن-01 اپريل (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيٽو کي ڪاغذي شينهن قرار ڏيندي چيو ته دفاعي اتحاد سان ڌار ٿيڻ تي سنجيدگي سان غور ڪري رهيو آهيان. پرڏيهي ميڊيا موجب برطانوي اخبار ٽيليگراف سان ڳالهين ۾ هن چيو ته مون کي هميشه کان ڄاڻ هئي ته نيٽو ڪاغذي شينهن آهي ۽ روس جي صدر ولادي ميرپيوٽن کي به اهو علم هو. آمريڪي صدر چيو ته مان ڪڏهن به …

واشنگٽن-01 اپريل (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيٽو کي ڪاغذي شينهن قرار ڏيندي چيو ته دفاعي اتحاد سان ڌار ٿيڻ تي سنجيدگي سان غور ڪري رهيو آهيان. پرڏيهي ميڊيا موجب برطانوي اخبار ٽيليگراف سان ڳالهين ۾ هن چيو ته مون کي هميشه کان ڄاڻ هئي ته نيٽو ڪاغذي شينهن آهي ۽ روس جي صدر ولادي ميرپيوٽن کي به اهو علم هو. آمريڪي صدر چيو ته مان ڪڏهن به نيٽو کان متاثر نه ٿيو آهيان اها منهنجي حتمي راءِ آهي. آمريڪي صدر چيو ته ايران جنگ ۾ نيٽو کي پاڻ آمريڪا جي مدد لاءِ بنا چوڻ جي اڳتي اچڻ گهرجي ها بلڪل اهڙيءَ طرح جهڙيءَ طرح آمريڪا يوڪرين جي معاملي تي بنا چئي نيٽو سان شامل ٿيو، جڏهن ته يوڪرين آمريڪا جو مسئلو نه هو. يوڪرين جنگ اسان جي آزمائش هئي جنهن تي اسان پورو لٿاسين ۽ بنا چئي نيٽو سان پاڻ شامل ٿياسين، اسان ته هميشه انهن جي مدد لاءِ پهتاسين پر وقت پوڻ تي انهن اسان جي مدد ناهي ڪئي.