سڄي دنيا ۾ نسڪ ايپ جي صارفين جو انگ 51 ملين کان به وڌي ويو آهي: سعودي عرب جو حج ۽ عمره بابت وزير

رياض-01 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمره بابت وزير ڊاڪٽر توفيق الربيعه چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ نسڪ ايپ جي صارفين جو انگ 51 ملين کان به وڌي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب حج بابت وزير گذريل ڏينهن مدينه منوره ۾ جاري عمره وزٽ فورم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته نسڪ ايپ مملڪت ۾ موجود مقدس هنڌن بابت زائرين لاءِ هڪ آفيشل …

رياض-01 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمره بابت وزير ڊاڪٽر توفيق الربيعه چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ نسڪ ايپ جي صارفين جو انگ 51 ملين کان به وڌي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب حج بابت وزير گذريل ڏينهن مدينه منوره ۾ جاري عمره وزٽ فورم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته نسڪ ايپ مملڪت ۾ موجود مقدس هنڌن بابت زائرين لاءِ هڪ آفيشل گائيڊ آهي. نسڪ ايپ ۾ حج پانڌيئڙن لاءِ سموري ڄاڻ آهي. واضح رهي ته نسڪ ايپ ان اهم ڊجيٽل پليٽ فارمز مان هڪ آهي جيڪا حاجين جي سهولت لاءِ تيار ڪئي وئي آهي. اها ايپليڪيشن 130 کان وڌيڪ ڊجيٽل سروسز فراهم ڪري ٿي. ان ۾ عمره پرمٽ، مسجد نبوي ۾ روضه رسول صلعم جي زيارت لاءِ بڪنگ، حرمين الشريفين ۾ ازدحام جي صورتحال، آگاهي بابت اهم معاملا پڻ شامل آهن. ان ايپ ۾ نئين سهولت جو اضافو ڪيو ويو آهي. ان ۾ نسڪ تسبيح حصن المسلم دعائون ۽ حرمين الشريف مان تلاوت، آگاهي ڪارڊز تاريخي هنڌن جي معلومات ۽ اهم هنڌن  جا نقشا شامل آهن. نسڪ ايپ کي 25 سرڪاري ۽ 30 پرائيوٽ ادارن سان لنڪ ڪيو ويو آهي جڏهن ته جديد ترين ڊجيٽل سسٽم ذريعي ايپ کي آپريٽ ڪيو ويندو آهي.