نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي ۾ ملاقات، علائقائي سيڪيورٽي صورتحال جي سنگين سماجي ۽ اقتصادي اثرن تي ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد- پهرين اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن اولهه ايشيا جي علائقائي صورتحال ۽ ٻه طرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڌرين علائقائي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ اُسرندڙ ملڪن تي ان جي سنگين سماجي ۽ اقتصادي اثرن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. …

اسلام آباد- پهرين اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن اولهه ايشيا جي علائقائي صورتحال ۽ ٻه طرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڌرين علائقائي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ اُسرندڙ ملڪن تي ان جي سنگين سماجي ۽ اقتصادي اثرن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيني پرڏيهي وزير وانگ يي جي دعوت تي 31 مارچ کان پهرين اپريل تائين بيجنگ جو سرڪاري دورو ڪيو. ملاقات روايتي طور تي گرمجوشي ۽ خوشگوار ماحول ۾ ٿي. ٻنهي اڳواڻن اولهه ايشيا ۾ علائقائي صورتحال ۽ ٻه طرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيني پرڏيهي وزير وانگ يي کي پاڪستان طرفان تڪرار ختم ڪرڻ ۽ ڳالهين جي بحالي لاءِ جاري ڪوششن کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو، جنهن ۾ اسلام آباد ۾ پاڪستان، سعودي عرب، ترڪي ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن جي تازي ملاقات پُڻ شامل آهي. ٻنهي ڌرين علائقائي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ اُسرندڙ ملڪن تي ان جي سنگين سماجي ۽ اقتصادي اثرن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن ڏس ۾، ٻنهي ملڪن نار ۽ وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي لاءِ پنج نقاطي قدمن جي شروعات ڪئي. ٻنهي ڌرين علائقائي سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ اُسرندڙ ملڪن تي ان جي سنگين سماجي ۽ اقتصادي اثرن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ان ڏس ۾ ٻنهي ملڪن نار ۽ وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام بحال ڪرڻ لاءِ پنج نقاطي قدمن جي شروعات ڪئي آهي. بيان موجب، پرڏيهي وزير وانگ يي اولهه ايشيا ۾ تڪرار جي خاتمي ۽ امن کي فروغ لاءِ پاڪستان جي فعال سفارتي ڪردار ۽ ڪوششن جي واکاڻ ڪئي ۽ پنهنجي حمايت جو اظهار ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي لاڳاپن ۾ وڌندڙ رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ سي پيڪ 2.0 تحت اعليٰ معيار جي ترقي ۽ اسٽريٽجڪ تعاون جي فروغ سميت اعليٰ سطحي رابطن ۽ مٽاسٽا کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي زور ڏنو، خاص طور تي هن سال جڏهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي. نائب وزيراعظم پرڏيهي وزير وانگ يي پاران گرمجوشي سان ڪيل استقبال ۽ شاندار مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن افغانستان جي صورتحال، امن ۽ استحڪام جي اهميت ۽ اثرائتي دهشتگردي جي موثر طور تي خاتمي جي ضرورت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. بيان موجب ٻنهي ڌرين گڏيل رابطي کي باقاعدگي سان جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں